گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ جو خطرو، پي ڊي ايم اي پاران خيبر پختونخوا انتظاميه کي الرٽ رهڻ جي هدايت

پشاور_31 مارچ (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي پروفيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي مٿانهين وارن ضلعن ۾ گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ جي خطري کي نظر ۾ رکندي 5 حساس ضلعن جي انتظاميه کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب، چترال اپر، چترال لوئر، دير اپر، سوات ۽ ڪوهستان اپر ۾ موسمياتي صورتحال جي ڪري گليشيئرن جي رجڻ جا امڪان آهن. شديد برساتن جي نتيجي ۾ گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ، فليش فلڊ …

پشاور_31 مارچ (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي پروفيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي مٿانهين وارن ضلعن ۾ گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ جي خطري کي نظر ۾ رکندي 5 حساس ضلعن جي انتظاميه کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب، چترال اپر، چترال لوئر، دير اپر، سوات ۽ ڪوهستان اپر ۾ موسمياتي صورتحال جي ڪري گليشيئرن جي رجڻ جا امڪان آهن. شديد برساتن جي نتيجي ۾ گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ، فليش فلڊ (تيز وهڪري واري ٻوڏ) ۽ لينڊ سلائيڊنگ جهڙا واقعا پيش اچي سگهن ٿا.پي ڊي ايم اي لاڳاپيل ضلعي انتظاميه کي هنگامي قدمن ۽ اڳواٽ تياريون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي . ضلعي انتظاميه کي حساس گليشيائي هنڌن جي مسلسل نگراني ۽ فوري وارننگ سسٽم فعال رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. لاڳاپيل ادارن ۽ ضلعي انتظاميه کي خطري کي منهن ڏيندڙ علائقن ۾ واپسي بابت مشقون ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي . محفوظ هنڌن تي واپسي مرڪز کي مڪمل طور تي فعال ۽ سهولتن سان ليس رکڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي . محفوظ علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي فوري الرٽ رهڻ ۽ مقامي آبادي کي امڪاني خطري کان آگاهه ڪرڻ جي پڻ هدايت جاري ڪئي وئي آهي . ريسڪيو ۽ ايمرجنسي سروسز جي عملي کي هر وقت تيار رهڻ سان گڏ  هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري مشينري ۽ اوزار پهريان کان مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي . ترجمان چيو ته عوام ندي نالن ۽ دريائن ويجهو غير ضروري وڃڻ کان پاسو ڪري . ان کان علاوه تيز وهڪري واري پاڻي ۾ گاڏيون لڙهي وڃڻ بابت عوام کي خبردار ڪيو ويو آهي . ترجمان مطابق مسافر حساس علائقن طرف غير ضروري سفر کان پاسو ڪن . سياح ۽ مسافر حساس علائقن طرف وڃڻ کان پاسو ڪن . روڊن جي بندش يا نقصان جي صورت ۾ اين ايڇ اي ، ايف ڊبليو ۽ سي اينڊ ڊبليو سان فوري رابطو ڪن ، عوام  ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ پي ڊي ايم اي جي هيلپ لائن 1700 تي رابطو ڪري.