ماسڪو-31 مارچ (اي پي پي) روس هڪ ڀيرو ٻيهر واضع ڪيو آهي ته هو انهن ملڪن کي تيل فراهم نه ڪندو جيڪي تيل تي لاڳو قيمتن جي حد (پرائيس ڪيپ ) جي حمايت ڪن ٿا. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پرڏيهي وزير هڪ انٽرويو ۾ چيو ته عالمي توانائي جو مارڪيٽ هن وقت شديد غير يقيني جي صورتحال جو شڪار آهي ، جتي سپلائي جي گهٽتائي ۽ قيمتن ۾ اضافو …
پرائيس ڪيپ جي حمايت ڪندڙ ملڪن کي تيل فراهم نه ڪنداسين: روس

مزید خبریں
ماسڪو-31 مارچ (اي پي پي) روس هڪ ڀيرو ٻيهر واضع ڪيو آهي ته هو انهن ملڪن کي تيل فراهم نه ڪندو جيڪي تيل تي لاڳو قيمتن جي حد (پرائيس ڪيپ ) جي حمايت ڪن ٿا. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پرڏيهي وزير هڪ انٽرويو ۾ چيو ته عالمي توانائي جو مارڪيٽ هن وقت شديد غير يقيني جي صورتحال جو شڪار آهي ، جتي سپلائي جي گهٽتائي ۽ قيمتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي . سندس مطابق ، روس جي تيل تي قيمت جي حد لاڳو ڪرڻ هڪ غير منصفاڻو ۽ اينٽي مارڪيٽ قدم آهي جيڪو عالمي سپلائي چين کي متاثر ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جاپان سميت اهي ملڪ جيڪي ان پاليسي جا پابند آهن، روس طرفان تيل جي فراهمي کان محروم رهندا . روس پهريان به ان موقف جو ورجاءُ ڪري چڪو آهي ته هو اهڙي طرح جي پابندين کي قبول نه ڪندو . سندس مطابق ، جيڪڏهن ڪنهن ملڪ طرفان باضابط درخواست ملندي ته ان تي غور ڪيو ويندو، پر فيصلو ڪرڻ وقت ٻه طرفن لاڳاپن ۽ قومي اقتصادي مفادن کي اولين ترجيح ڏني ويندي. ماهرن جو چوڻ آهي ته روس جي ان اعلان سان عالمي توانائي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ دٻاءُ وڌي سگهي ٿو ۽ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيڻ جو امڪان آهي.











