مودي جي شائننگ انڊيا جا نعرا زمين ۾ دفن، ايراني جنگ جي اثرن سبب ڀارتي بينڪن جا شيئرز 2.5 سيڪڙو تائين گهٽجي ويا

نئين دهلي-31   مارچ ( اي پي پي)  ڀارت جي زوال پزير معاشي اهڃاڻن مودي حڪومت جي نام نهاد ترقي جي دعويٰ جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب يهودي هنود ڳٺ جوڙ جي ڀارتي معيشت تي بدترين ناڪري اثرن جو پول کولي ڇڏيو. ميڊيا موجب وچ اوڀر ۾ جنگ سبب ڀارتي شيئرز مارچ  2020ع کانپوءِ بدترين  سطح تي پهچي ويا . پاڪ - ڀارت جنگ ڇڪتاڻ ، آمريڪي واپاري دٻاءُ ، ايران جنگ جي …

نئين دهلي-31   مارچ ( اي پي پي)  ڀارت جي زوال پزير معاشي اهڃاڻن مودي حڪومت جي نام نهاد ترقي جي دعويٰ جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب يهودي هنود ڳٺ جوڙ جي ڀارتي معيشت تي بدترين ناڪري اثرن جو پول کولي ڇڏيو. ميڊيا موجب وچ اوڀر ۾ جنگ سبب ڀارتي شيئرز مارچ  2020ع کانپوءِ بدترين  سطح تي پهچي ويا . پاڪ – ڀارت جنگ ڇڪتاڻ ، آمريڪي واپاري دٻاءُ ، ايران جنگ جي اثرن سبب ڀارتي بينڪن جا  شيئرز 2.5 سيڪڙو تائين گهٽجي ويا آهن، وچ اوڀر تڪرار سبب ڀارت جو خانگي شعبو ٽي سال جي گهٽ ترين اوسر واري شرح تي پهچي ويو. ڀارت جي جي ڊي پي  8.4   سيڪڙو مان گهٽجي 7.8 سيڪڙو ٿي وئي جڏهن ته آبنائي هر مز جي بندش سان تيل جي قيمتن ۾  40   سيڪڙو کان به وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. ڀارتي اڳواڻن 1.3  سيڪڙو تائين وڌندڙ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ وڌيڪ اضافوي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. عالمي ماهرن موجب مودي جي نا اهلي ڀارتي معيشت کي بحران ۾ موڪلي ڇڏيو آهي. مودي جي بدترين حڪمت عملي  ٻٽي پاليسين سبب ڀارت پرڏيهي سيڙپڪاري جو اعتمام   وڃائي  چڪو آهي.