نئين دھلي -31 مارچ (اي پي پي) افغان طالبان رجيم ۽ ڀارت _ اسرائيل ڳٺ جوڙ خطي جي استحڪام لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويا آھن. ڪشميري ميڊيا سروس مطابق پاڪستان 4 سالن جي سفارتي ڪوششن کانپوءِ افغانستان ۾ موجود دھشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڪارروائي ڪئي. طالبان رجيم جي جارحاڻي رويي ۽ سھڪار نه ملڻ سبب قطر ۽ ترڪيه جي ٽياڪڙي جون ڪوششون بي معنيٰ رهيون. ميڊيا مطابق فتنه الخوارج جي پشت پناھي ۽ افغان زمين جي استعمال سبب پاڪستان طالبان خلاف …
افغانستان مان دھشتگردي ۽ ڀارت _ اسرائيل ڳٺ جوڙ خطي لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويا آهن: دي مسلم ٽائيمز

مزید خبریں
نئين دھلي -31 مارچ (اي پي پي) افغان طالبان رجيم ۽ ڀارت _ اسرائيل ڳٺ جوڙ خطي جي استحڪام لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويا آھن. ڪشميري ميڊيا سروس مطابق پاڪستان 4 سالن جي سفارتي ڪوششن کانپوءِ افغانستان ۾ موجود دھشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڪارروائي ڪئي. طالبان رجيم جي جارحاڻي رويي ۽ سھڪار نه ملڻ سبب قطر ۽ ترڪيه جي ٽياڪڙي جون ڪوششون بي معنيٰ رهيون. ميڊيا مطابق فتنه الخوارج جي پشت پناھي ۽ افغان زمين جي استعمال سبب پاڪستان طالبان خلاف ڪارروائي تي مجبور ٿيو. علائقائي عدم استحڪام کي سمجھڻ لاءِ ڀارت _ اسرائيل لاڳاپن ۽ افغان طالبان جي پراڪسي ڪردار جو جائزو وٺڻو پوندو. دي مسلم ٽائمز مطابق افغانستان دھشتگرد گروپن لاءِ محفوظ پناھگاھه بڻجي چڪو جيڪو ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ استحڪام کي متاثر ڪري رھيو آھي. ماھرن مطابق افغان زمين تان سرحد پار حملا ان ڳالھه جو ثبوت آھن ته ھٿياربند گروپن لاءِ سازگار ماحول ڊگھي عرصي لاءِ علائقائي امن لاءِ خطرو آھي.











