”هينڊز“ جهڙا سماجي خدمتن وارا ادارا عوامي ڀلائي ۽ پائيدار ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن: سنڌ جو گورنر

ڪراچي-30 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ”هينڊز“ جي سماجي خدمتن جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته اهڙا ادارا عوامي ڀلائي ۽ پائيدار ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سنڌ جي گورنر صحت جي شعبي ۽ هيلٿ ڪميشن کي ڌيڪ فعال، جامع ۽ نتيجن ڀريو بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. چيئرمين هينڊز ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد، سومر ڏينهن سنڌ جي گورنر سيد محمد …

ڪراچي-30 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ”هينڊز“ جي سماجي خدمتن جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته اهڙا ادارا عوامي ڀلائي ۽ پائيدار ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سنڌ جي گورنر صحت جي شعبي ۽ هيلٿ ڪميشن کي ڌيڪ فعال، جامع ۽ نتيجن ڀريو بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. چيئرمين هينڊز ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد، سومر ڏينهن سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ هينڊز ويلفيئر فائونڊيشن تحت سڄي ملڪ ۾ جاري سماجي ڀلائي، صحت، تعليم ۽ هنگامي امداد جي رٿائن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گورنر کي هينڊز انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اسٽيڊيز ۾ جاري ڊگري ۽ ڊپلومه پروگرامن ،فيلڊ ٽريننگ ۽ ڪميونٽي بيسڊ قدمن بابت بريفنگ به ڏني وئي. ملاقات ۾ سنڌ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي، صحت جي نظام جي بهتري ۽ ڪميونٽي ڊولپمينٽ جي قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ اداره جاتي سهڪار کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ، گڏيل پروگرامن ۽ شراڪتداري کي هٿي وٺائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. چيئرمين ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد پاران گورنر سنڌ کي هينڊز ويلفيئر فائونڊيشن جي انتظام هيٺ انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اسٽڊيز جي دوري جي باضابطه دعوت ڏني وئي. ملاقات ۾ مستقبل ۾ گڏيل سهڪار کي وڌائڻ ۽ عوامي ڀلائي جي قدمن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.