جيڪب آباد پُوليس جي ڪارروائي، سرڪاري نمبر پليٽ جي لينڊ ڪروزر ۾ منشيات اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام، وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ، جوابدار فرار ٿي ويا

لاڙڪاڻو-30 مارچ  (اي پي پي) جيڪب آباد پُوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي سرڪاري نمبر پليٽ جي لينڊ ڪروزر ۾ منشيات اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪري ورتي، جوابدار فرار ٿي ويا. ايس ايس پي جيڪب آباد ڪيپٽن (ر) فيضان علي جي ھدايتن تي آباد ٿاڻي جي ايس ايچ او  ايس آءِ پي سڪندر علي چانڊيو عملي سان گڏ ڳجھي اطلاع تي ڳوٺ آچر بروهي لاڙي …

لاڙڪاڻو-30 مارچ  (اي پي پي) جيڪب آباد پُوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي سرڪاري نمبر پليٽ جي لينڊ ڪروزر ۾ منشيات اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪري ورتي، جوابدار فرار ٿي ويا. ايس ايس پي جيڪب آباد ڪيپٽن (ر) فيضان علي جي ھدايتن تي آباد ٿاڻي جي ايس ايچ او  ايس آءِ پي سڪندر علي چانڊيو عملي سان گڏ ڳجھي اطلاع تي ڳوٺ آچر بروهي لاڙي جي ويجهو گشت دوران ڪامياب ڪارروائي ڪندي هڪ سرڪاري نمبر پليٽ واري لينڊ ڪروزر رجسٽر نمبر QBA- 2159 مان 110 ڪلو گرام چرس ھٿ ڪري ورتو، جڏهن ته ٻه جوابدار پوليس کي ڏسي گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويا، پوليس گاڏي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪري منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.