چين وچ اوڀر جي صورتحال ۾ بهتري ۽ ڳالهين جي بحاليءَ جي سمورين ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو: چين جي پرڏيهي وزارت

بيجنگ-30 مارچ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته چين وچ اوڀر جي صورتحال ۾ بهتري ۽ ڳالهين جي بحاليءَ جي سمورين ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب پرڏيهي وزارت جي ترجمان معمول واري پريس ڪانفرنس ۾ پاڪستان، ترڪيه، مصر ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن طرفان وچ اوڀر جي صورتحال تي رٿيل اجلاس جي حوالي سان چيو ته چين انهن سمورين ڪوششن جي حمايت …

بيجنگ-30 مارچ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته چين وچ اوڀر جي صورتحال ۾ بهتري ۽ ڳالهين جي بحاليءَ جي سمورين ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب پرڏيهي وزارت جي ترجمان معمول واري پريس ڪانفرنس ۾ پاڪستان، ترڪيه، مصر ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن طرفان وچ اوڀر جي صورتحال تي رٿيل اجلاس جي حوالي سان چيو ته چين انهن سمورين ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو جيڪي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ ڳالهين جي بحاليءَ لاءِ مددگار ثابت ٿين ۽ سمورين ڌُرين کي اپيل ڪريان ٿو ته هو جلد کان ڳالهين واري عمل جي شروعات ڪن. ترجمان چيو ته چين پاڪستان طرفان ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهي ٿو، ٽياڪڙي طور تي پاڪستان جي ڪردار جي حمايت ڪري ٿو ۽ چين ان ڳالهه جو خواهشمند آهي ته لاڳاپيل سموريون ڌُريون رابطن ۽ هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو ته جيئن گڏيل طور تي جنگبندي کي هٿي ڏئي سگهجي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکي سگهجي.