واشنگٽن - 30 مارچ (اي پي پي ) آمريڪا ڪيترن ئي مهينن کان جاري تيل جي پابندين بعد روس جي هڪ آئل ٽينڪر کي ڪيوبا پهچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي . پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق روس جي حڪومت جي ملڪيت ۾ موجود اهو ٽينڪر اٽڪل 7 لک 30 هزار بيرل ڪچو تيل کڻي ڪيوبا جي سامونڊي حدن ويجهو پهچي چڪو آهي ۽ امڪان آهي ته جلد ماتانزاس بندرگاهه …
آمريڪا روس جي آئل ٽينڪر کي ڪيوبا پهچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
واشنگٽن – 30 مارچ (اي پي پي ) آمريڪا ڪيترن ئي مهينن کان جاري تيل جي پابندين بعد روس جي هڪ آئل ٽينڪر کي ڪيوبا پهچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي . پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق روس جي حڪومت جي ملڪيت ۾ موجود اهو ٽينڪر اٽڪل 7 لک 30 هزار بيرل ڪچو تيل کڻي ڪيوبا جي سامونڊي حدن ويجهو پهچي چڪو آهي ۽ امڪان آهي ته جلد ماتانزاس بندرگاهه تائين پهچي ويندو . رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه مداخلت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي . ماهرن مطابق ان ٽينڪر جي آمد ڪيوبا ۾ تيزي سان وڌندڙ ٻارڻ جي بحران کي وقتي طورتي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو ۽ ملڪ کي ڪجهه هفتن جو رليف ملي سگهي ٿو . واضع رهي ته جنوري کان آمريڪا پاران ڪيوبا تي تيل جون نيون پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن ۽ ڪيترائي ڀيرا سخت قدمن جون ڌميون به ڏنيون آهن . آمريڪي ميڊيا رپورٽ مطابق واشنگٽن ڪيوبا ۾ حڪومت جي تبديلي جي امڪان تي به غور ڪري رهي آهي . ٻئي پاسي روس جي پرڏيهي وزارت 17 مارچ تي آمريڪا جي وڌندڙ دٻاءَ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪيوبا سان مڪمل يڪجهتي جو اعلان ڪيو هو . روس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هو خودمختيار رياست جي داخلي معاملن ۽ هڪ طرفين پابندين جي سخت مذمت ڪري ٿو . ٻئي پاسي ڪيوبا کي درپيش توانائي بحران سبب اڳڀرائي خطي جي سياسي صورتحال تي به اثر انداز ٿي سگهي ٿي .











