مصر جو اڳوڻو پرڏيهي وزير عرب ليگ جو نئون سيڪريٽري جنرل مقرر

رياض - 30 مارچ(اي پي پي) عرب ليگ اتفاق راءِ سان مصر جي اڳوڻي پرڏيهي وزير نبيل فهمي کي ايندڙ پنجن سالن جي مدي لاءِ ليگ جو نئون سيڪريٽري جنرل مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب ۾ ٿيندڙ ايندڙ عرب سربراهي ڪانفرنس ان فيصلي جي توثيق ڪندي.پهرين جولاءِ 2026ع کان باضابط طور تي هو پنهنجي ذميواري سنڀاليندو. هو موجوده سيڪريٽري جنرل احمد البوالغيظ جي جڳهه …

رياض – 30 مارچ(اي پي پي) عرب ليگ اتفاق راءِ سان مصر جي اڳوڻي پرڏيهي وزير نبيل فهمي کي ايندڙ پنجن سالن جي مدي لاءِ ليگ جو نئون سيڪريٽري جنرل مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب ۾ ٿيندڙ ايندڙ عرب سربراهي ڪانفرنس ان فيصلي جي توثيق ڪندي.پهرين جولاءِ 2026ع کان باضابط طور تي هو پنهنجي ذميواري سنڀاليندو. هو موجوده سيڪريٽري جنرل احمد البوالغيظ جي جڳهه وٺندو. اهو فيصلو بحرين جي صدارت هيٺ پرڏيهي وزيرن جي 165 هين ورچوئل اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته 30 جون تي موجوده سيڪريٽري جنرل احمد ابوالغيظ جو ٻيو مدو ختم ٿيڻ بعد مصر جي اڳوڻو پرڏيهي وزير نبيل فهمي کي سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ باضابط طور تي نامزد ڪيو ويو آهي. نبيل فهمي مصر جو اڳوڻو پرڏيهي وزير رهيو آهي. سندس والد اسماعيل فهمي به مصر جو پرڏيهي وزير رهي چڪو آهي. هو آمريڪا ۾ مصر  جو سفير ۽ گڏيل قومن ۾  پڻ ملڪ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي. هو عرب دنيا جي اهم سفارتڪارن مان هڪ آهي.