ڊونلڊ ٽرمپ پاران بيلاروس جي صدر سان ملاقات جي خواهش جو اظهار، قيدين جي آزادي تي ٿورا ادا ڪيا

واشنگٽن -30 مارچ (ا ي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ  بيلا روس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو جو سوين قيدين جي آزادي  تي شڪريو ادا ڪندي ايندڙ بورڊ آف پيس جي اجلاس ۾ ساڻس ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب  آمريڪي صدر ٽروٿ سوشل تي چيو آهي ته سندس نمائندو جان ڪوالي بيلاروس ۾ ڳالهين کان پوءِ وڌيڪ 250 سياسي قيدين جي آزادي  ممڪن بڻائي. …

واشنگٽن -30 مارچ (ا ي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ  بيلا روس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو جو سوين قيدين جي آزادي  تي شڪريو ادا ڪندي ايندڙ بورڊ آف پيس جي اجلاس ۾ ساڻس ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب  آمريڪي صدر ٽروٿ سوشل تي چيو آهي ته سندس نمائندو جان ڪوالي بيلاروس ۾ ڳالهين کان پوءِ وڌيڪ 250 سياسي قيدين جي آزادي  ممڪن بڻائي. هن چيو ته گذريل سال مئي کان هيستائين صدر لوڪا شينڪو پاران آزاد ڪيل قيدين جو انگ 500 کان به وڌي ويو آهي جنهن تي سندس شڪر گذار آهيون. ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايندڙ بورڊ آف پيس جي اجلاس ۾ بيلا روس جي صدر سان ملاقات جو انتظار آهي جڏهن ته اجلاس جي تاريخ ۽ هنڌ جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.