چين جي صدر پاران گومنگ ڊانگ پارٽي جي چيئرپرسن جي مين لينڊ جي دوري جي آجيان

بيجنگ _ 30 مارچ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ،گومنگ ڊانگ پارٽي جي چيئرپرسن زنگ لي وين جي مين لينڊ جي اپريل ۾ تجويز ڪيل دوري جي آجيان ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي آفيس تائيوان جي معاملن بابت ڊائريڪٽر سونگ تا بيان ۾ چيو آهي ته چين جي گومنگ ڊانگ پارٽي جي چيئرپرسن زنگ لي وين عھدوسنڀالڻ کانپوءِ ڪيترائي ڀيرا …

بيجنگ _ 30 مارچ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ،گومنگ ڊانگ پارٽي جي چيئرپرسن زنگ لي وين جي مين لينڊ جي اپريل ۾ تجويز ڪيل دوري جي آجيان ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي آفيس تائيوان جي معاملن بابت ڊائريڪٽر سونگ تا بيان ۾ چيو آهي ته چين جي گومنگ ڊانگ پارٽي جي چيئرپرسن زنگ لي وين عھدوسنڀالڻ کانپوءِ ڪيترائي ڀيرا خواھش ظاھر ڪئي ته ھوءَ مين لينڊ جو دورو ڪرڻ چاھي ٿي. ٻنھي سياسي پارٽين جي لاڳاپن ۽ آبنائي تائيوان جي ٻنھي پاسن جي لاڳاپن جي پرامن ترقي کي ھٿي ڏيڻ لاءِ ھن اعلان ڪيو ته سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي ۽ جنرل سيڪريٽري شي جن پنگ جي دعوت تي چيئرپرسن زنگ لي وين جي قيادت ۾ 7 کان 12 اپريل تائين منگ ڊانگ پارٽي جو وفد جيا نگسو، شنگھائي ۽ بيجنگ جو دورو ڪندو ۽ صدر شي پنگ سندن ان دوري جي آجيان ڪري ٿو. گومنگ ڊانگ پارٽي جي چيئرپرسن جي آفيس پنھنجي بيان ۾ تصديق ڪئي ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائينه جي مرڪزي ڪميٽي ۽ جنرل سيڪريٽري شي جن پنگ، چيئرپرسن زنگ لي وين جي قيادت ۾ وفد کي مين لينڊ دري جي دعوت ڏني. چيئرپرسن زنگ لي وين جرنل سيڪريٽري شي جن پنگ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ان دوري کي خوشي سان قبول ڪيو آھي.