لبنان ۾ ڌماڪي سبب گڏيل قومن جي امن مشن جو هڪ اهلڪار مارجي ويو

بيروت-30 مارچ (اي پي پي ) لبنان ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ گڏيل قومن جي عبوري فورس ( يو اين آءِ ايف آءِ ايل ) جي امن مشن جو هڪ اهلڪار مارجي ۽ هڪ زخم ٿي پيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يو اين آءِ ايف  آءِ ايل پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته لبنان جي هڪ ڳوٺ ويجهو بم ڌماڪي سبب هڪ اهلڪار ٿڏي تي فوت ۽ ٻيو …

بيروت-30 مارچ (اي پي پي ) لبنان ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ گڏيل قومن جي عبوري فورس ( يو اين آءِ ايف آءِ ايل ) جي امن مشن جو هڪ اهلڪار مارجي ۽ هڪ زخم ٿي پيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يو اين آءِ ايف  آءِ ايل پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته لبنان جي هڪ ڳوٺ ويجهو بم ڌماڪي سبب هڪ اهلڪار ٿڏي تي فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته زخمي اهلڪار کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. گڏيل قومن جي امن مشن جي مارجي ويل اهلڪار جي ڪٽنب ، دوستن ۽ ساٿين سان تعزيت جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڀريو ويو آهي ته هو عالمي قانون تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن ۽ گڏيل قومن جي اهلڪارن ۽ ملڪ جي حفاظت ڱي يقيني بڻائين . بيان ۾ چيو ويو آهي ته امن اهلڪارن تي حملا عالمي انساني قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قرراداد 1701 جي سنگين خلاف ورزي آهي. اهي جنگي ڏوهه ۾ اچي سگهن ٿا. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.