ڪراچي -27 مارچ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿيٽر جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ٿيٽر سماج جو آئينو آهي، جيڪو انساني جذبن، سماجي مسئلن ۽ ثقافتي قدرن جي مڪمل عڪاسي ڪندو آهي. هن پرفارمنگ آرٽس سان لاڳاپيل فنڪارن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته ٿيٽر جي فنڪارن جون ڪوششون سماج ۾ شعور جاڳائڻ ۾ اهم ڪردار ادا …
ٿيٽر سماج جو آئينو آهي، جيڪو انساني جذبن، سماجي مسئلن ۽ ثقافتي قدرن جي مڪمل عڪاسي ڪندو آهي: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي -27 مارچ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿيٽر جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ٿيٽر سماج جو آئينو آهي، جيڪو انساني جذبن، سماجي مسئلن ۽ ثقافتي قدرن جي مڪمل عڪاسي ڪندو آهي. هن پرفارمنگ آرٽس سان لاڳاپيل فنڪارن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته ٿيٽر جي فنڪارن جون ڪوششون سماج ۾ شعور جاڳائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن.وڏي وزير چيو ته ٿيٽر رڳو اداڪاري نه پر انساني احساسن جي ترجماني جو هڪ اثرائتو ذريعو آهي. هن چيو ته سنڌ جي ڌرتيءَ سدائين عظيم فنڪارن کي جنم ڏنو آهي، جن ٿيٽر کي نئين انداز سان متعارف ڪرايو ۽ عالمي سطح تي پيش ڪيو.سيد مراد علي شاهه هن عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت ٿيٽر کي ھٿي ڏيڻ، فنڪارن جي ڀلائيءَ ۽ سندن سرپرستيءَ لاءِ اپاءَ جاري رکندي. هن چيو ته اسٽيج فنڪارن سنڌ ۽ پاڪستان جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٿيٽر عوامي شعور کي بيدار ڪرڻ ۽ سماجي برائين جي نشاندهي جو هڪ مؤثر ذريعو آهي، جڏهن ته اسٽيج ذريعي سنڌ جي ثقافت ۽ روايتن کي نئين نسل تائين منتقل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته حڪومت صوبي ۾ ٿيٽر هالز جي بحالي ۽ جديد سهولتن جي فراهمي لاءِ پڻ سرگرم آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن زور ڀريو ته ڊجيٽل دور جي باوجود لائيو ٿيٽر جي اهميت برقرار آهي ۽ اسٽيج ڊرامن ذريعي برداشت، رواداري ۽ ڀائيچاري جا پيغام عام ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته ڪلاسڪ ۽ جديد اسڪرپٽس جو ميلاپ سنڌ جي ٿيٽر کي عالمي سطح تي وڌيڪ نرالو بڻائي سگهي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٿيٽر جي بحالي سان نه رڳو مثبت ثقافتي سرگرمين کي ھٿي ملندي پر سياحت واري شعبي ۾ پڻ واڌ ٿيندي. هن پڪو پھھ ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت فن ۽ ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.










