ڪينبرا-27 مارچ (اي پي پي) آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز چيو آهي ته گهٽ مدي ۾ ٻارڻ جي فراهمي تسلي بخش آهي پر ايندڙ مهينن ۾ ان جي فراهمي وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن پارليامينٽ هائوس ۾ ملڪ کي درپيش ٻارڻ جي وڌندڙ بحران بابت پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت امڪاني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ۽ هر ممڪن تياري ڪري رهي …
ملڪ ۾ ٻارڻ جي فراهمي ايندڙ مهينن ۾ وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي: آسٽريلوي وزيراعظم

مزید خبریں
ڪينبرا-27 مارچ (اي پي پي) آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز چيو آهي ته گهٽ مدي ۾ ٻارڻ جي فراهمي تسلي بخش آهي پر ايندڙ مهينن ۾ ان جي فراهمي وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن پارليامينٽ هائوس ۾ ملڪ کي درپيش ٻارڻ جي وڌندڙ بحران بابت پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت امڪاني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ۽ هر ممڪن تياري ڪري رهي آهي. هن آسٽريليا کي تيل فراهم ڪندڙ اهم ملڪ ملائيشيا ۽ آسيان خطي سان پنهنجن هاڪاري رابطن جو ذڪر به ڪيو. ٻئي پاسي اپوزيشن اڳواڻ اينگس ٽيلر حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ٻارڻ تي لاڳو ٽيڪس کي عارضي طور تي 3 مهينن لاءِ اڌ ڪيو وڃي. واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ حڪومت تسليم ڪيو هو ته سڄي ملڪ جي اٽڪل 470 پيٽرول پمپس تي گهٽ ۾ گهٽ هج قسم جو ٻارڻ ختم ٿي چڪو آهي.











