ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪرنسي جا اهڙا نوٽ ڇاپيا پيا وڃن جن تي صدر جون صحيحيون هونديون: آمريڪا

واشنگٽن-27 مارچ (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪرنسي جا اهڙا نوٽ ڇاپيا پيا وڃن جن تي صدر جون صحيحيون هونديون. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي ناڻي کاتي جي حوالي سان ٻڌايو ته صدر ٽرمپ جي صحيحين سان ڇاپيل نوان ڪرنسي نوٽ گرمي جي موسم ۾ دستياب هوندا. هن چيو ته آمريڪا جي آزادي جي 250 هين سالگره جي موقعي تي جاري ڪيل نون نوٽن تي …

واشنگٽن-27 مارچ (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪرنسي جا اهڙا نوٽ ڇاپيا پيا وڃن جن تي صدر جون صحيحيون هونديون. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي ناڻي کاتي جي حوالي سان ٻڌايو ته صدر ٽرمپ جي صحيحين سان ڇاپيل نوان ڪرنسي نوٽ گرمي جي موسم ۾ دستياب هوندا. هن چيو ته آمريڪا جي آزادي جي 250 هين سالگره جي موقعي تي جاري ڪيل نون نوٽن تي روايت جي ابتڙ پهريون ڀيرو لاڳاپيل کاتي جي سربراهه جون صحيحيون هٽايون وينديون. پرڏيهي ميڊيا مطابق جون ۾ پهرين 100 ڊالر جا نوٽ ڇاپيا ويندا جن تي صدر ٽرمپ ۽ ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ جون صحيحيون هونديون جڏهن ته ٻي ماليت جا نوٽ بعد ۾ جاري ڪيا ويندا ۽ اهي نوان نوٽ بئنڪن ذريعي مارڪيٽ ۾ اچڻ ۾ ڪجهه هفتا لڳي سگهن ٿا. ياد رهي ته تازو ئي سون جي هڪ يادگاري سڪي جي ڊيزائن جي به منظوري ڏني وئي آهي جنهن تي صدر ٽرمپ جي تصوير شامل هوندي.