سعودي ولي عهد سان يوڪريني صدر جي ملاقات، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض-27 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان يوڪرين جي صدر وليديمير زيلنسڪي جده ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال خاص طور تي وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ يوڪريني بحران بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران سعودي عرب ۽ يوڪرين جي لاڳاپن جو جائزو به ورتو. ان موقعي تي …

رياض-27 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان يوڪرين جي صدر وليديمير زيلنسڪي جده ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال خاص طور تي وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ يوڪريني بحران بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران سعودي عرب ۽ يوڪرين جي لاڳاپن جو جائزو به ورتو. ان موقعي تي سعودي عرب جو مملڪتي وزير، ڪابينا جو ميمبر ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار ڊاڪٽر مساعد بن محمد العبيان، ماحوليات ۽ پاڻي بابت وزير عبدالرحمان الفضلي، جنرل انٽيلي جنس ڊائريڪٽوريٽ جو سربراهه خالد بن علي الحمدان ۽ يوڪرين ۾ سعودي سفير محمد البرڪه به شريڪ هو.