ڪراچي-27 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي محتسب اعليٰ نويد ڪامران بلوچ ملاقات ڪئي جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سي ايم هائوس مان جاري پڌرائي مطابق وڏي وزير، نويد ڪامران کي وفاقي محتسب اعليٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون جڏهن ته نويد ڪامران حلف برداري تقريب ۾ شرڪت تي وڏي وزير جو ٿورو …
سنڌ جي وڏي وزير سان وفاقي محتسب اعليٰ جي ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
ڪراچي-27 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي محتسب اعليٰ نويد ڪامران بلوچ ملاقات ڪئي جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سي ايم هائوس مان جاري پڌرائي مطابق وڏي وزير، نويد ڪامران کي وفاقي محتسب اعليٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون جڏهن ته نويد ڪامران حلف برداري تقريب ۾ شرڪت تي وڏي وزير جو ٿورو مڃيو. سيد مراد علي شاهه چيو ته نويد ڪامران تجربي ڪار آفيسر آهي، هو سنڌ ۾ وڌيڪ ريجنل ۽ سب ريجنل آفيسون قائم ڪري، صوبائي حڪومت ڀرپور سهڪار ڪندي. نويد ڪامران بلوچ چيو ته محتسب اعليٰ جو ادارو 660 مختلف وفاقي ادارن ۽ ماتحت ادارن خلاف عوامي شڪايتن جي ازالي ۽ 60 ڏينهن ۾ انصاف فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته وفاقي محتسب جو ادارو مفت انصاف جي فراهمي ۾ عوام جي بهترين رهنمائي ڪري ٿو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي محتسب جي پورٽل کي پنهنجي حڪومتي پورٽل سان ڳنڍيندي، وفاقي محتسب جي سنڌ جي پورٽل سان ڳنڍجڻ سان عوام کي آگاهي حاصل ٿيندي.











