لاڙڪاڻو - 26 مارچ (اي پي پي) مئير لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي ميونسپل ڪارپوريشن سميت چئني ٽائون ڪميٽين کي هاءِ الرٽ رهڻ ۽ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ انتظام ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن. جڏھن ته مئير لاڙڪاڻو ميونسپل ڪمشنر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن سان گڏ شهر جي پمپنگ اسٽيشنن جو دورو ڪري موجوده صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ …
مئير لاڙڪاڻو پاران امڪاني برساتن سبب هاءِ الرٽ جاري، پمپنگ اسٽيشنن جو دورو، عملي جون موڪلون رد

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 26 مارچ (اي پي پي) مئير لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي ميونسپل ڪارپوريشن سميت چئني ٽائون ڪميٽين کي هاءِ الرٽ رهڻ ۽ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ انتظام ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن. جڏھن ته مئير لاڙڪاڻو ميونسپل ڪمشنر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن سان گڏ شهر جي پمپنگ اسٽيشنن جو دورو ڪري موجوده صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ عملي کي پاڻي نيڪالي جي نظام کي فعال رکڻ لاءِ ڊي سلٽنگ ورڪ، مشينري ۽ اوزارن جي مڪمل دستيابي، پمپنگ اسٽيشنن تي عملي، تيل ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ سميت ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن جون موڪلون رد ڪري عملي کي فيلڊ ۾ موجود رهڻ جون ھدايتون جاري ڪندي چيو ته لاپرواهي ڪرڻ وارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. مئير لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن سميت چئني ٽائونز کي هنگامي بنيادن تي ضروري تيارين کي مڪمل ڪرڻ ۽ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي فوري طور تي منھن ڏ.ي سگهجي. جڏھن ته شهرين جي سهولت لاءِ 24 ڪلاڪ ڪم ڪندڙ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي ۽ شھري هيلپ لائن نمبرن 9410276 – 074 – 03367886426 تي ڪنھن به وقت رابطو ڪري اطلاع ڪري سگھن ٿا جنھن جو بروقت ازالو ڪيو ويندو.











