وڏي وزير پاران مرگهي جي عالمي ڏينهن (پرپل ڊي) جي موقعي تي پيغام

ڪراچي-26 مارچ (اي پي پي)مرگهي جي عالمي ڏينهن (Purple Day) جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ پاران چيو آهي ته مرگهي هڪ قابلِ علاج اعصابي بيماري آهي ۽ ان کان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي. اھا ڳالھ هن وزيراعليٰ ھائوس مان جاري ڪيل پيغام ۾ ڪئي.  هن چيو ته مرگهي جي مريضن خلاف سماجي تعصب ۽ منفي روين جو انت ضروري آهي، جيئن متاثر ماڻهو عزت …

ڪراچي-26 مارچ (اي پي پي)مرگهي جي عالمي ڏينهن (Purple Day) جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ پاران چيو آهي ته مرگهي هڪ قابلِ علاج اعصابي بيماري آهي ۽ ان کان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي. اھا ڳالھ هن وزيراعليٰ ھائوس مان جاري ڪيل پيغام ۾ ڪئي.  هن چيو ته مرگهي جي مريضن خلاف سماجي تعصب ۽ منفي روين جو انت ضروري آهي، جيئن متاثر ماڻهو عزت ڀري زندگي گذاري سگهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت مرگهي جي مريضن کي معياري ۽ مفت علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. سيد مراد علي شاھھ وڌيڪ چيو ته وقت سر سڃاڻپ ۽ لڳاتار علاج سان مرگهي جا مريض عام زندگي گذاري سگهن ٿا، تنهنڪري عوام کي گهرجي ته هن بيماري بابت وهمن ۽ غلط فهمين کان پاسو ڪن. هن وڌيڪ چيو ته پرپل ڊي ملهائڻ جو مقصد مرگهي بابت عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ آهي، هن چيو ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ نيورولوجسٽ ۽ ضروري دوائون موجود آهن. وڏي وزير زور ڀريو ته اسان سڀني کي گڏجي هڪ صحتمند ۽ مرگهي بابت آگاهه سماج جي تعمير لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.