سرينگر -26 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز سال 2021ع کان 2025ع تائين 249 ماڻهن کي حراست دوران ۽ جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو ، اهي انگ ڀارتي حڪومت طرفان فراهم ڪيل انگ اکرن جي بلڪل ابتڙ آهن جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڄمون ڪشمير ۾ اپريل 2021ع کان هيستائين صرف 8 ماڻهن کي حراست دوران ماريو ويو آهي . ڪشمير …
ڀارتي فورسز سال 2021 ع کان 2025ع تائين 249 ڪشميرين کي حراست ۽ جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو: رپورٽ

مزید خبریں
سرينگر -26 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز سال 2021ع کان 2025ع تائين 249 ماڻهن کي حراست دوران ۽ جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو ، اهي انگ ڀارتي حڪومت طرفان فراهم ڪيل انگ اکرن جي بلڪل ابتڙ آهن جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڄمون ڪشمير ۾ اپريل 2021ع کان هيستائين صرف 8 ماڻهن کي حراست دوران ماريو ويو آهي . ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارتي مملڪتي گهرو وزير 24 مارچ 2026 ع تي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان لوڪ سڀا کي گاه ڪيو ته ڄمون ڪشمير ۾ اپريل 2021ع کان هيستائين صرف 8 حراستي فوت ٿيڻ جو اطلاع مليو آهي . وزير جو چوڻ آهي ته ڀارت جي نيشنل هيومن رائيٽس ڪميشن (اين ايڇ آر سي ) جا انگ اکر _22_2021، 2022-23 ، 2023-24 ،2024-25 ۾ هر سال 2 حراستي فوتگين کي ظاهر ڪن ٿا . 15 مارچ 2025ع تائين ڪنهن به حراستگي جي فوتگي جو اطلاع ناهي ڏنو ويو . پر ڪي ايم ايس جي رپورٽ انهن انگن اکرن کان مختلف آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي ” اين ايڇ آر سي “ پنهنجي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ ڀارتي فورسز جي تشدد جي ڪاررواين کي آزادي جي مطالبي جي ڪنهن قدر بي رحمي سان نشانو بڻائي رهي آهي . رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عورتن سميت 5 هزار کان وڌيڪ ڪشميري هن وقت ڀارتي جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۽ ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن.











