لاڙڪاڻو 26 مارچ (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي لاڙڪاڻو جي ريجنل ڊائريڪٽر علي اڪبر جاگيراڻي چيو آهي ته حاضر سروس ۽ رٽائر سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا دير جي حل ڪيا وڃن. پگھارون، پينشن، جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ادا ڪيون وڃن ۽ جن بابت رڪاوٽون درپيش آهن انهن کي اي جي سنڌ ڏانهن موڪليو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ …
لاڙڪاڻو ۾ کُلي ڪچهريءَ، صوبائي محتسب سنڌ جي لاڙڪاڻو جي ريجنل ڊائريڪٽر پاران حاضر سروس ۽ رٽائر سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا دير حل ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
لاڙڪاڻو 26 مارچ (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي لاڙڪاڻو جي ريجنل ڊائريڪٽر علي اڪبر جاگيراڻي چيو آهي ته حاضر سروس ۽ رٽائر سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا دير جي حل ڪيا وڃن. پگھارون، پينشن، جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ادا ڪيون وڃن ۽ جن بابت رڪاوٽون درپيش آهن انهن کي اي جي سنڌ ڏانهن موڪليو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس لاڙڪاڻو ۾ ملازمن جي مسئلن جي حل جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل هڪ کُلي ڪچهريءَ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جن به ملازمن جون رهتون خاص طور تي جي پي فنڊ ۽ پينشن رهيل آهن انهن کي وقت سر ادائگي ڪيون وڃن ته جيئن کين ڪنهن به تڪليف کي مُنهن ڏسڻو نه پوي. هن وڌيڪ چيو ته انهن ملازمن بابت تفصيلي رپورٽ ڏني وڃي جن کي ادائگيون ڪيون ويون آهن ۽ جن کي ادائگيون نه ٿيون آهن انهن بابت پڻ ٻڌايو وڃي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر لاڙڪاڻو ضمير حسين کوکر ٻُڌايو ته سڀني ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪنهن به قسم جي دير نه پئي ڪئي وڃي پر ان لاءِ ضروري آهي ته ملازمن جا گھربل ڪاغذ ۽ قانوني گهرجون پوريون هئڻ گھرجن.کليل ڪچهريءَ ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر لاڙڪاڻو عبدالفتاح سومرو آفيس جي عملي کي هدايتون ڏيندي چيو ته جن ماڻهن جا ڪيس خاص طور تي جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون رهيل آهن اهي اڪلايون وڃن. کليل ڪچهريءَ ۾ نديم احمد عيساڻي، نجم الدين، حڪيم علي بروهي، مسمات صفيه بانو، ديدار علي چنو ۽ ٻين پنهنجون درخواستون پيش ڪيون جن تي حُڪم جاري ڪيا ويا. کليل ڪچهريءَ ۾ اڪائونٽنٽ حامد علي ابڙو، عرفان علي عمراڻي، نعيم احمد سولنگي آڊيٽر ۽ ٻيا واسطيدار عملدار پڻ موجود هئا.











