پئرس-26 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي تعليمي اداري يونيسڪو چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن ۽ نوجوانن جو انگ مسلسل ستين سال وڌي 273 ملين تائين پهچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يونيسڪو جي 2026ع گلوبل ايجوڪيشن مانيٽرنگ رپورٽ موجب اسڪول وڃڻ جي عمر جو هر 6 مان هڪ ٻار تعليم کان محروم آهي، جڏهن ته اسڪول ويندڙن مان به هر ٽن مان رڳو …
سڄي دنيا ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ مسلسل ستين سال اضافي سان 273 ملين تائين پهچي ويو: يونيسڪو رپورٽ

مزید خبریں
پئرس-26 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي تعليمي اداري يونيسڪو چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن ۽ نوجوانن جو انگ مسلسل ستين سال وڌي 273 ملين تائين پهچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يونيسڪو جي 2026ع گلوبل ايجوڪيشن مانيٽرنگ رپورٽ موجب اسڪول وڃڻ جي عمر جو هر 6 مان هڪ ٻار تعليم کان محروم آهي، جڏهن ته اسڪول ويندڙن مان به هر ٽن مان رڳو ٻه سيڪنڊري اسڪول جي تعليم مڪمل ڪن ٿا. 2015ع کانپوءِ اڪثر خطن ۾ تعليمي ترقي جي رفتار سست پئجي وئي آهي، جنهن جو وڏو سبب تڪرار (جنگيون) ۽ آبادي ۾ تيزي سان اضافو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خاص طور تي آفريقا ۾ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي تڪرارن سبب متاثر علائقن ۾ اصل انگ سرڪاري انگن کان اکرن کان به وڌيڪ ٿي سگهن ٿا. ان باوجود يونيسڪو گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ٿيل اڳڀرائي کي ساراهيو آهي. 2000ع کان هن وقت تائين هر منٽ ۾ سراسري طور 25 کان وڌيڪ ٻارن کي تعليم تائين پهچ ملي آهي جنهن سبب عالمي سطح تي داخلائن ۾ نمايان اضافو ٿيو، ڪجهه ملڪن نمايان ڪاميابيون حاصل ڪندي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي شرح ۾ وڏي گهٽتائي ڪئي آهي ۽ تعليم تائين پهچ کي هر سطح تي بهتر بڻايو آهي، رپورٽ ۾ خبردار ڪيو آهي ته تعليمي محرومي جو حل ڪنهن هڪ پاليسي سان ممڪن ناهي، پر هر ملڪ ۽ خطي جي حالتن موجب حڪمت عملي ۽ مسلسل سيڙپڪاري ضروري آهي ته جيئن هر ٻار کي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي.











