واشنگٽن - 26 مارچ (اي پي پي) آمريڪي پوسٽل سروس وچ اوڀر ۾ جاري ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جي ڪري گيس جي وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾ رکندي پهريون ڀيرو 8 سيڪڙو جو عارضي فيول سر چارج لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي پوسٽل سروس جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته هنن قدمن جو مقصد مارڪيٽ جي حالتن مطابق ترتيب ڏيڻ ۽ مالي دٻاءُ کان سواءِ ملڪ گير خدمتون جاري رکڻ آهي. آمريڪي پوسٽل سروس موجب اها واڌ رڳو پيڪيجز تي لاڳو …
گيس جي اگهن ۾ واڌ، آمريڪي پوسٽل سروس پاران فيول سرچارج لاڳو

مزید خبریں
واشنگٽن – 26 مارچ (اي پي پي) آمريڪي پوسٽل سروس وچ اوڀر ۾ جاري ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جي ڪري گيس جي وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾ رکندي پهريون ڀيرو 8 سيڪڙو جو عارضي فيول سر چارج لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي پوسٽل سروس جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته هنن قدمن جو مقصد مارڪيٽ جي حالتن مطابق ترتيب ڏيڻ ۽ مالي دٻاءُ کان سواءِ ملڪ گير خدمتون جاري رکڻ آهي. آمريڪي پوسٽل سروس موجب اها واڌ رڳو پيڪيجز تي لاڳو ٿيندي. اها واڌ 26 اپريل کان لاڳو ٿيندي ۽ 17 جنوري 2027 تائين جاري رهندي. ان کان پوءِ آمريڪي پوسٽل سروس فيصلو ڪندي ته ڇا ٻي ڊگهي مدي جي حل جي ضرورت آهي. آمريڪي پوسٽل سروس (يو ايس پي ايس) هڪ هفتي ۾ 170 ملين کان وڌيڪ پارسل پهچائي ٿي جڏهن ته ٻين پوسٽل سروسز اڳ ئي گهڻو اڳ اضافي سرچارج لاڳو ڪري چڪيون هيون. اها واڌ ٻين ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، جن هن مدي ۾ 33 سيڪڙو سرچارج لاڳو ڪيو آهي.











