ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) لاڙڪاڻو جي صدارت ۾ درٻار هال ۾ ضلعي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي هڪ گڏجاڻي منعقد

لاڙڪاڻو-25 مارچ (اي پي پي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) لاڙڪاڻو غضنفر علي شاھ جي صدارت ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو آفيس جي درٻار هال ۾ ضلعي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ 24 مارچ کان 30 مارچ 2026ع تائين سموري سنڌ ۾ پوندڙ امڪاني برساتن جي نقصان کان بچڻ لاءِ ڪيل احتياطي تدبيرن متعلق خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هيلٿ …

لاڙڪاڻو-25 مارچ (اي پي پي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) لاڙڪاڻو غضنفر علي شاھ جي صدارت ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو آفيس جي درٻار هال ۾ ضلعي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ 24 مارچ کان 30 مارچ 2026ع تائين سموري سنڌ ۾ پوندڙ امڪاني برساتن جي نقصان کان بچڻ لاءِ ڪيل احتياطي تدبيرن متعلق خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو کي هدايتون ڏيندي چيو ته برساتن دوران خاص طور تي صحت کاتي جا عملدار ڊاڪٽر توڙي ٻيو عملو ڏينهن رات ڊيوٽيون سرانجام ڏين ۽ ان سان گڏوگڏ برسات توڙي طوفان کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرون پڻ اختيار ڪيون وڃن ۽ ڊائريا، مليريا کان بچڻ لاءِ ويڪسين ۽ ٻيون دوائون موجود هئڻ گھرجن. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) لاڙڪاڻو هدايتون ڏيندي ريسڪيو 1122 ۽ صحت جون سهولتون مهيا ڪندڙ اين جي اوز کي چيو ته امڪاني برساتن جي ايمرجنسي دوران هڪ ٻئي سان تعاون ڪن ۽ ان سان گڏوگڏ جانورن کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ ويڪسين پڻ لڳائي وڃي. گڏجاڻيءَ دوران هن سوشل ويلفيئر کاتي جي عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته غير سرڪاري تنظيمن (اين جي اوز) بابت آگاهي ڏني وڃي ته امڪاني برساتن دوران سندن طرفان جيڪو پلان جوڙيو ويو آهي اهو پڻ ٻڌايو وڃي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو ڳالهائيندي چيو ته اسپتالن ۾ قائم ڪيل ايمرجنسي وارڊ ۾ دوائون، ايمبولينس ۽ ٻيون گھربل سهولتون موجود رهنديون ته جيئن ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ ماڻهن کي صحت جون گھربل سهولتون مهيا ڪري سگھجن. گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ مئنيجر پي پي ايڇ آءِ لاڙڪاڻو ڳالهائيندي چيو ته امڪاني برساتن دوران ايمرجنسي جي صورت ۾ صحت جون سموريون سهولتون جن ۾ ريجنل هيلٿ ڪيئر سينٽر ۽ تعلقه هيڊ ڪوارٽر جي اسپتالن ۽ صحت مرڪزن ۾ برساتن جي نقصان کان بچڻ لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي سيمينار منعقد ڪيا ويندا، جنهن ۾ کين احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ، ايس او پيز تحت قدم کڻڻ ۽ ٻين ڳالهين متعلق آگاهي پڻ ڏني ويندي. ان موقعي تي سنڌ ايمرجنسي ۽ هيلٿ سروس، ريسڪيو 1122 جي انچارج گڏجاڻي ۾ آگاهي ڏيندي چيو ته اسان جي اداري طرفان ريسڪيو عملي کي امڪاني برساتن جي نقصانن کان ماڻهن کي بچائڻ لاءِ آگاهي پڻ ڏني پئي وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ اسان جو عملو ۽ ايمبولينس سروس پڻ 24 ڪلاڪ موجود رهندي. گڏجاڻي ۾ مختلف کاتن جا واسطيدار عملدار پڻ موجود هئا.