لاڙڪاڻو-25 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس منشيات جي فراهمي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ٻه منشيات فروش گرفتار ڪري منشيات هٿ ڪري ورتي. ڳيريلو ٿاڻي جي حد واھوچا لنڪ روڊ واري علائقي مان پوليس ٻن منشيات فروشن واصف علي ويسر ابڙو ۽ زاهد علي ويسر ابڙو کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ٻه ڪلو 45 گرام چرس هٿ ڪري ورتو. جوابدارن کان خريدارن ۽ مقامي ڊيلرز بابت پڇا ڳاڇا جاري آهي. ايس ايس …
لاڙڪاڻو پوليس جي ڪارروائي، ٻه منشيات فروش گرفتار، منشيات هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-25 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس منشيات جي فراهمي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ٻه منشيات فروش گرفتار ڪري منشيات هٿ ڪري ورتي. ڳيريلو ٿاڻي جي حد واھوچا لنڪ روڊ واري علائقي مان پوليس ٻن منشيات فروشن واصف علي ويسر ابڙو ۽ زاهد علي ويسر ابڙو کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ٻه ڪلو 45 گرام چرس هٿ ڪري ورتو. جوابدارن کان خريدارن ۽ مقامي ڊيلرز بابت پڇا ڳاڇا جاري آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري منشيات جي فراهمي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي لاڳاپيل پوليس ٽيم لاءِ تعريفي سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن .











