ڪراچي- 24 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري جي صبح سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ اولڊ سيڪريٽريٽ جو اوچتو دورو ڪيو، جتي هن مختلف کاتن جي ڪارڪردگي، جاري مرمت ۽ سڌارن وارن ڪمن ۽ ملازمن جي حاضري جو تفصيلي جائزو ورتو. وڏي وزير سڀ کان پهرين نيو سيڪريٽريٽ پهتو، جتي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھھ موجود هو. وڏي وزير گرائونڊ فلور تي ٺهندڙ ڪمانڊ اينڊ …
سنڌ جي وڏي وزير جو نيو سيڪريٽريٽ ۽ تغلق هائوس جو دورو
ڪراچي- 24 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري جي صبح سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ اولڊ سيڪريٽريٽ جو اوچتو دورو ڪيو، جتي هن مختلف کاتن جي ڪارڪردگي، جاري مرمت ۽ سڌارن وارن ڪمن ۽ ملازمن جي حاضري جو تفصيلي جائزو ورتو. وڏي وزير سڀ کان پهرين نيو سيڪريٽريٽ پهتو، جتي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھھ موجود هو. وڏي وزير گرائونڊ فلور تي ٺهندڙ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو معائنو ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته ان کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ مؤثر نظام سان ليس ڪيو وڃي ته جيئن انتظامي معاملن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. ان کانپوءِ وڏي وزير تغلق هائوس جو دورو ڪيو ۽ اسڪول ايجوڪيشن، گهرو کاتي، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، مائنز اينڊ منرلز، چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ (پي اينڊ ڊي) کاتن جي آفيسن جو جائزو ورتو. ان دوران هن سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن جي حاضري پڻ چيڪ ڪئي. وڏي وزير پي اينڊ ڊي کاتي جي نئين ٺهيل ڪاميٽي روم جو به معائنو ڪيو ۽ سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. سيد مراد علي شاھھ تغلق هائوس ۾ هلندڙ مرمتي ڪم جو پڻ جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪم کي مقرر وقت اندر جلد مڪمل ڪيو وڃي. دوري دوران اٽڪل سمورا صوبائي سيڪريٽري سندن آفيسن ۾ موجود هئا، جڏهن ته ڪجهه آفيسرن جي غير حاضري تي وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته غير حاضر آفيسرن کان ترت وضاحت ورتي وڃي. وڏي وزير مختلف کاتن ۾ ملازمن جي حاضري جو جائزو وٺندي سختي سان هدايت ڪئي ته عملي جي باقاعده موجودگي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته سمورا کاتا عوامي مسئلن جي حل ۽ بهتر خدمتون مهيا ڪرڻ لاءِ مؤثر ۽ ذميواري سان ڪردار ادا ڪن. هن زور ڀريندي چيو تھ ملازم پنهنجون ذميواريون ايمانداري ۽ پيشي وراڻي انداز ۾ نڀائين، وقت تي آفيس پهچن ۽ سندن ڪم تي مڪمل ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته جيتوڻيڪ ملڪ جي مجموعي صورتحال سبب آفيسن ۾ ملازمن جو انگ گھٽايو ويو آھي، پر ان کي غير حاضري جو بهانو نه بڻايو وڃي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڊيوٽي تي موجود ملازمن جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي.











