ڪينيڊا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

اوٽاوا- 24 مارچ (اي پي پي) ڪينيڊا جي گادي واري شهر اوٽاوا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ يوم پاڪستان حب الوطني جي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ان موقعي تي هڪ شاندار تقريب ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو جنهن ۾ پاڪستاني برادري، هاءِ ڪميشن جي عملي، شاگردن ۽ پاڪستاني دوستن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم پاڪستان محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي …

اوٽاوا- 24 مارچ (اي پي پي) ڪينيڊا جي گادي واري شهر اوٽاوا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ يوم پاڪستان حب الوطني جي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ان موقعي تي هڪ شاندار تقريب ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو جنهن ۾ پاڪستاني برادري، هاءِ ڪميشن جي عملي، شاگردن ۽ پاڪستاني دوستن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم پاڪستان محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جا خصوصي پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. انهن پيغامن ۾ پاڪستان کي هڪ مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ جي ويزن کي گڏجي هلائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستاني هاءِ ڪمشنر پاڪستاني قيادت جي بصيرت تي عمل ڪرڻ تي زور ڀريو ۽ انهن جي مضبوط عزم ۽ بي پناهه قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو . هن قومي عزم، سماجي، اقتصادي ترقي، علائقائي امن ۽ عالمي برادري سان تعميري رابطي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن تي زور ڀريو. پاڪستاني هاءِ ڪمشنر واپار، سيڙپڪاري، اعلي تعليم ۽ عوام سان عوامي رابطن جي وڌندڙ تعاون جو ذڪر به ڪيو . هن پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي لاڳاپن جي مثبت پهلوئن کي اجاگر ڪيو. هن ٻه طرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڪينيڊا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي تعاون جي ساراهه ڪئي. قريب جي آخر ۾ پاڪستان جي خوشحالي، استحڪام ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.