سعودي ولي عهد سان هالينڊ، يونان جي وزيراعظم، بيلجئيم جي بادشاهه جو ٽيليفونڪ رابطو، يڪجهتي جو اظهار

رياض- 24 مارچ (اي پي پي) سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان هالينڊ جي وزيراعظم روب جيٽن، يونان جي وزيراعظم ڪيريا ڪوس ميتسوتاڪس ۽ بيلجيئيم جي بادشاهه فلپ ٽيلي فون تي رابطو ڪيو ۽ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميديا موجب سعودي ولي عهد ۽ هالينڊ جي وزيراعظم رابطي دوران مجموعي عالمي صورتحال ۽ علاقائي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. …

رياض- 24 مارچ (اي پي پي) سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان هالينڊ جي وزيراعظم روب جيٽن، يونان جي وزيراعظم ڪيريا ڪوس ميتسوتاڪس ۽ بيلجيئيم جي بادشاهه فلپ ٽيلي فون تي رابطو ڪيو ۽ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميديا موجب سعودي ولي عهد ۽ هالينڊ جي وزيراعظم رابطي دوران مجموعي عالمي صورتحال ۽ علاقائي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هالينڊ جي وزيراعظم مملڪت سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ايراني حملن جي مذمت ڪئي. سعودي ولي عهد ۽ يونان جي وزيراعظم وچ ۾ رابطي ۾ فوجي ڇڪتاڻ، عالمي سلامتي تي جي اثرن جي حوالي سان اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. يوناني وزيراعظم مملڪت سان يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو ۽ ايراني حملن سبب پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ ڪيل قدمن جي حمايت ڪئي. ان کانسواءِ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان بيلجيئيم جي بادشاهه فلپ رابطو ڪيو ۽ خطي جي تازي صورتحال ۽ عالمي سلامتي تي ان جي اثرن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. بيلجيئم جي بادشاهه، حڪومت ۽ عوام پاران يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو ۽ سعودي عرب جي خودمختياري جي تحفظ، سلامتي کي براقرار رکڻ لاءِ کنيل قدمن جي حمايت ڪئي.