تهران- 23 مارچ (اي پي پي) ايران جي اعليٰ عسڪري ڪمان خاتم الانبياء سينٽرل هيڊ ڪوارٽر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران جي بجلي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ته خطي ۾ موجود آمريڪي اڏن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن جا بجلي ٺڪاڻا به امڪاني هدف هوندا. پرڏيهي ميڊيا سرڪاري ميڊيا اسلامڪ ريپبلڪ آف ايران براڊ ڪاسٽنگ جو حوالو ڏيندي ٻُڌايو ته اهو بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران جي …
بجلي ٺڪاڻن تي حملو ٿيو ته سخت جواب ڏنو ويندو: ايران جو آمريڪا کي چِٽو پيغام

مزید خبریں
تهران- 23 مارچ (اي پي پي) ايران جي اعليٰ عسڪري ڪمان خاتم الانبياء سينٽرل هيڊ ڪوارٽر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران جي بجلي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ته خطي ۾ موجود آمريڪي اڏن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن جا بجلي ٺڪاڻا به امڪاني هدف هوندا. پرڏيهي ميڊيا سرڪاري ميڊيا اسلامڪ ريپبلڪ آف ايران براڊ ڪاسٽنگ جو حوالو ڏيندي ٻُڌايو ته اهو بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران جي توانائي جي ڍانچي کي نشانو بنائڻ جي ڌمڪيءَ جي ردِعمل ۾ جاري ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آبناءِ هرمز مڪمل طور تي بند ناهي ڪيو ويو ۽ ايران جي ”سمارٽ ڪنٽرول“ ۾ آهي، جتي مخصوص ضابطن تحت پُرامن جهاز راني جاري آهي ته جيئن قومي سلامتي ۽ مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. ايراني عملدارن خبردار ڪيو ته آمريڪي ڌمڪين تي عملدرآمد ڪيو ويو ته ايران فوي طور تي سخت قدم کڻندو، جن ۾ آبناءِ هرمز جي مڪمل بندش شامل ٿي سگهي ٿي، جيڪا اُن وقت تائين برقرار رهندي جيستائين متاثر ايراني ٺڪاڻن جي بحالي ممڪن نه ٿي وڃي. بيان موجب ٻين امڪاني قدمن ۾ اسرائيل جي توانائي، بجلي ۽ مواصلاتي ٺڪاڻن تي وڏي پيماني تي حملا، خطي ۾ آمريڪي سيڙپڪاريءَ سان واڳيل ڪمپنين کي نشانو بڻائڻ ۽ آمريڪي فوجي اڏا رکندڙ ملڪن جي بجلي ٺڪاڻن تي حملا شامل آهن. ايراني عسڪري قيادت ان عزم جو اظهار ڪيو ته قومي مفادن جي دفاع لاءِ ”سمورا ضروري قدم“ کڻندي ۽ خطي ۾ آمريڪي ۽ اتحادي معاشي ۽ توانائي ڍانچي خلاف ڪارروايون جاري رکندو.











