ڪراچي- 23 مارچ (اي پي پي) يوم پاڪستان جي موقعي تي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ قوم کي دلي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ چيو آھي ته هي هڪ تاريخي ڏينهن آهي جڏهن قائداعظم محمد علي جناح ۽ ٻين عظيم اڳواڻن مسلمانن لاءِ هڪ الڳ، آزاد ۽ خودمختيار وطن جو بنياد رکيو. هن چيو ته پاڪستان لکين قربانين جو …
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو يوم پاڪستان جي موقعي تي پيغام
ڪراچي- 23 مارچ (اي پي پي) يوم پاڪستان جي موقعي تي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ قوم کي دلي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ چيو آھي ته هي هڪ تاريخي ڏينهن آهي جڏهن قائداعظم محمد علي جناح ۽ ٻين عظيم اڳواڻن مسلمانن لاءِ هڪ الڳ، آزاد ۽ خودمختيار وطن جو بنياد رکيو. هن چيو ته پاڪستان لکين قربانين جو نتيجو آهي جيڪي اسان جي بزرگن هڪ آزاد ۽ جمهوري رياست جي قيام لاءِ ڏنيون. هن چيو ته اڄ اسان کي انهن عظيم شهيدن کي ياد رکڻ گهرجي جن وطن جي آزادي، خودمختياري ۽ سلامتي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. اڄ جو ڏينهن اسان کي وطن جي خدمت، قومي اتحاد ۽ قرباني جي جذبي کي تجديد ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو ۽ هي ڏينهن اسان کي منهن ڏيڻ وارن چئلينجن خلاف متحد ٿي وڙهڻ جو عزم بحال ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو. شرجيل انعام ميمڻ زور ڏنو ته هڪ مضبوط، مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ اسان سڀني کي اختلافن کان مٿانهون ٿي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان سڀني تي ذميواري آهي ته قائداعظم جي اصولن ۽ ويزن جي روشني ۾ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.











