ڪراچي- 23 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر محمد نهال هاشمي، سينيٽر شيري رحمان جي ڌيءُ ماروي ملڪ جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گورنر نهال هاشمي، شيري رحمان سان ملاقات ڪئي ۽ سندس نياڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسو جو اظهار ڪيو. گورنر، مرحومه لاءِ مغفرت ۽ درجن جي بلندي جي دعا ڪئي، جڏهن ته پونئرن لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي. …
سنڌ جي گورنر جي سينيٽر شيري رحمان جي ڌيءُ جي جنازي نماز ۾ شرڪت
ڪراچي- 23 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر محمد نهال هاشمي، سينيٽر شيري رحمان جي ڌيءُ ماروي ملڪ جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گورنر نهال هاشمي، شيري رحمان سان ملاقات ڪئي ۽ سندس نياڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسو جو اظهار ڪيو. گورنر، مرحومه لاءِ مغفرت ۽ درجن جي بلندي جي دعا ڪئي، جڏهن ته پونئرن لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي. هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ هو سوڳوار ڪٽنب جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهي.











