سعودي عرب پاران ايران جي سفارتڪارن کي 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم

رياض -22 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت ايران جي سفارتخاني جي ملٽري اتاشي، اسسٽنٽ ملٽري اتاشي ۽ مشن جي عملي جي ٽن ٻين ميمبرن کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏيندي کين 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي وزارت جي 9 مارچ جي ان بيان جي روشني …

رياض -22 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت ايران جي سفارتخاني جي ملٽري اتاشي، اسسٽنٽ ملٽري اتاشي ۽ مشن جي عملي جي ٽن ٻين ميمبرن کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏيندي کين 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي وزارت جي 9 مارچ جي ان بيان جي روشني ۾ جنهن ۾ واضح ڪيو ويو هو ته مسلسل ايراني جارحيت جو مطلب وڌيڪ ڇڪتاڻ آهي ۽ ان جا موجوده ۽ مستقبل جي لاڳاپن تي اثر پوندا، صدر ايراني ملٽري اتاشي ۽ سندس مددگارن سميت 5 ماڻهن کي اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي ته هو فوري طور تي سعودي عرب ڇڏي ڏين.