ڪراچي-20 مارچ (اي پي پي) سنڌ ڪابينا جي ڪفايت شعاري بابت ذيلي ڪميٽي جي چيئرمين، سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي واري ڪفايت شعاري جي اهم فيصلي تحت مختلف سرڪاري کاتن جون 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون گرائونڊ ڪيون ويون آهن. هن چيو ته مجموعي طور 47 کان وڌيڪ کاتن ۾ موجود 2 …
سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي واري ڪفايت شعاري جي اهم فيصلي تحت مختلف سرڪاري کاتن جون 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون گرائونڊ ڪيون ويون آهن: شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي-20 مارچ (اي پي پي) سنڌ ڪابينا جي ڪفايت شعاري بابت ذيلي ڪميٽي جي چيئرمين، سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي واري ڪفايت شعاري جي اهم فيصلي تحت مختلف سرڪاري کاتن جون 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون گرائونڊ ڪيون ويون آهن. هن چيو ته مجموعي طور 47 کان وڌيڪ کاتن ۾ موجود 2 هزار 8 سئو 37 گاڏين مان هڪ هزار 5 سئو 24 گاڏيون گرائونڊ ڪيون ويون آهن، گرائونڊ ڪيل گاڏين ۾ صحت، ناڻو، تعليم، توانائي ۽ اينٽي ڪرپشن سميت ٻيا کاتا پڻ شامل آهن. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪجهه کاتن ۾ اها شرح 65 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي، جڏهن ته انٽر پروونشل ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ ۾ سموريون گاڏيون گرائونڊ ڪيون ويون آهن، اهڙو فيصلو وڌندڙ ٻارڻ جي خرچن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي ته جيئن حڪومتي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته اهڙي قدم جو مقصد توانائي جي استعمال ۾ گهٽتائي آڻڻ، سرڪاري خرچن کي گهٽ ڪرڻ ۽ وسيلن جو اثرائتو استعمال يقيني بڻائڻ آهي. صوبائي حڪومت ملڪي مفاد ۾ ڪفايت شعاري پاليسي تي سختي سان عمل ڪري رهي آهي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪفايت شعاري جي قدمن سان نه رڳو خرچن ۾ گهٽتائي ايندي، پر سرڪاري وسيلن جو بهتر استعمال پڻ ممڪن ٿيندو ۽ حڪومتي قدم سان ٻارڻ جي مد ۾ ڪروڙين رپين جي بچت پڻ ٿيندي. سندس چوڻ هو ته سڀني کاتن کي حڪومت جي هن پاليسي تي مڪمل عملدرآمد جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ضرورت موجب اهم ۽ هنگامي نوعيت جون گاڏيون بدستور استعمال ۾ رهنديون.











