برسلز-20 مارچ (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جنگ جي خاتمي جو دارومدار آمريڪا جي سياسي عزم ۽ فيصلن تي ٻڌل آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سيڪريٽري جنرل چيو ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ کي روڪڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته مان سمجهان ٿو ته هن جنگ کي روڪڻ آمريڪا جي هٿ ۾ آهي. ائين ممڪن آهي پر اهو آمريڪا …
وچ اوڀر ۾ جنگ جي خاتمي جو دارومدار آمريڪا جي سياسي عزم ۽ فيصلن تي ٻڌل آهي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل

مزید خبریں
برسلز-20 مارچ (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جنگ جي خاتمي جو دارومدار آمريڪا جي سياسي عزم ۽ فيصلن تي ٻڌل آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سيڪريٽري جنرل چيو ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ کي روڪڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته مان سمجهان ٿو ته هن جنگ کي روڪڻ آمريڪا جي هٿ ۾ آهي. ائين ممڪن آهي پر اهو آمريڪا جي سياسي عزم تي ٻڌل آهي. هن چيو ته اسرائيل، هڪ حڪمت عملي طور ايران جي عسڪري صلاحيت کي مڪمل تباهه ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هو اتي حڪومت جي تبديلي چاهي ٿو پر ايران وٽ هڪ اهڙي عملي آهي جنهن سان دشمن کي امڪاني حد تائين نقصان پهچائي سگهجي. مسئلو حل ڪرڻ ۾ اهم اهو آهي ته آمريڪا اها دعويٰ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ته هن ان جنگ سان پنهنجا هدف حاصل ڪري ورتا آهن ۽ آمريڪي صدر انهن ماڻهن کي ان ڳالهه تي قائل ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو جن کي ان ڳالهه تي قائل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ختم ٿي سگهي ٿو.











