برسلز-20 مارچ (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ جي روشني ۾ طاقت جي استعمال بدران قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ ۽ فوري سفارتي حل طرف اڳڀرائي تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب برسلز ۾ يورپي ڪائونسل جي آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل کي ايران خلاف پنهنجي بمباري روڪڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ صورتحال مڪمل طور …
آبنائي هرمز جي ڊگهي بندش عالمي سطح تي شديد اثر وجهي سگهي ٿي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل

مزید خبریں
برسلز-20 مارچ (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ جي روشني ۾ طاقت جي استعمال بدران قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ ۽ فوري سفارتي حل طرف اڳڀرائي تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب برسلز ۾ يورپي ڪائونسل جي آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل کي ايران خلاف پنهنجي بمباري روڪڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ صورتحال مڪمل طور ضابطي کان ٻاهر نڪري سگهي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ عام شهرين کي نقصان پهچندو. هن وڌيڪ چيو ته ايران کي نار جي پاڙيسري ملڪن تي حملا بند ڪرڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته هو هن جنگ جو سڌي ريت حصو ناهن، سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل انهن حملن جي مذمت ڪري چڪي آهي ۽ آبنائي هرمز کولڻ جي هدايت پڻ ڏئي چڪي آهي. سيڪريٽري جنرل خبردار ڪيو ته آبنائي هرمز جي ڊگهي بندش عالمي سطح تي شديد اثر وجهي سگهي، خاص طور تي انهن ملڪن تي جيڪي هن جنگ سان سڌي ريت واڳيل ناهن پر توانائي جي قيمتن ۽ سپلائي ۾ رڪاوٽن سان متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هاڻوڪن ڏينهن ۾ توانائي جي انفرا اسٽرڪچر ۽ گئس فيلڊز تي حملن سبب ٻارڻ جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي جنهن سان عالمي معيشت تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته طاقت جي قانون بدران قانون کي لاڳو ڪيو وڃي ۽ جنگ بدران سفارتڪاري کي ترجيح ڏني وڃي.











