پئرس-20 مارچ (اي پي پي) اسپين ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران تي فوجي حملا غير قانوني آهن ۽ اسپين جي حڪومت انهن جي سخت مخالفت ۽ مذمت ڪري ٿو. هن يورپي يونين جي سربراهي اجلاس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هن جنگ خلاف آهيون، …
ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جا حملا غير قانوني آهن: هسپانوي وزيراعظم

مزید خبریں
پئرس-20 مارچ (اي پي پي) اسپين ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران تي فوجي حملا غير قانوني آهن ۽ اسپين جي حڪومت انهن جي سخت مخالفت ۽ مذمت ڪري ٿو. هن يورپي يونين جي سربراهي اجلاس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هن جنگ خلاف آهيون، هي جنگ غير قانوني آهي، ان جو ڪو به جواز ناهي ۽ هي شديد نقصان پهچائي رهي آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته هن جنگ جي نتيجي ۾ شهرين جي مارجڻ ۽ پرڏيهين جي انگ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته عالمي معيشت کي به نقصان پهتو آهي. هن يورپي يونين کي چيو ته هو فعال ڪردار ادا ڪري ۽ جنگ جي سفارتي حل جون ڪوششون ڪري.هن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جو ايران تي حملن جي شروعات کان وٺي هو ان جنگ خلاف آهن ۽ هن اسپين جي فضائي اڏن جي استعمال جي اجازت نه ڏني.











