سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪراچي ۾ پاڻي جي وڏن انفراسٽرڪچر منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي-19 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ پاڻي جي وڏن انفراسٽرڪچر منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪي فور واٽر سپلاءِ پروجيڪٽ ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت جاري سڌارن جي وقت تي مڪمل ڪرڻ، شهر جي وڌندڙ پاڻي ۽ نيڪال جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ڪيل …

ڪراچي-19 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ پاڻي جي وڏن انفراسٽرڪچر منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪي فور واٽر سپلاءِ پروجيڪٽ ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت جاري سڌارن جي وقت تي مڪمل ڪرڻ، شهر جي وڌندڙ پاڻي ۽ نيڪال جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ڪيل جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جي نظام کي بهتر بڻائڻ صوبائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته شهر جي وڌندڙ آبادي جديد ۽ اثرائتي پاڻي جي فراهمي جي نظام جي گهرجائو آهي تنھنڪري تمام جاري منصوبن کي مقرر وقت ۽ اعليٰ معيار سان مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪي فور پائپ لائن تي ڪم تيز ڪيو ويو آهي خاص ڪري ڪراچي بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ سان گڏيل 7.2 ڪلوميٽر ڊگهي ڪوريڊور تي ڪم جاري آهي. منصوبي جي تڪميل کي يقيني بڻائڻ لاءِ هاڻي روزاني ٻه وڏيون پائپ لائينون وڇائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته ڳتيل آبادي وارن علائقن ۾ موجود يوٽيلٽي لائينن کي نظر ۾ رکندي جديد کوٽائي جي ٽيڪنڪ استعمال ڪئي وڃي ته جيئن عوامي انفراسٽرڪچر کي نقصان نه پهچي ۽ شهري خدمتون متاثر نه ٿين. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪي ايس ايس آئي پي جي فيز ون جا ڪيترائي اهم حصا تڪميل جي ويجهو آهن. هڪ ڪسٽمر سروس سينٽر مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻيا سينٽر آخري مرحلن ۾ آهن. سينٽر آف ريفارم، ريسرچ اينڊ انوويشن جي عمارت ۽ سروس گاڏين لاءِ پارڪنگ شيڊز به تعمير ھيٺ آهن. عملدارن ڌاٻيجي رائزنگ مين ۽ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي بحالي ۾ نمايان اڳڀرائي بابت به آگاهه ڪيو جيڪي ڪراچي جي وڏي پيماني تي پاڻي جي فراهمي جي نظام لاءِ انتهائي اهم آهن. ادارتي سڌارن تحت ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن صارفين لاءِ هڪ گڏيل ڊجيٽل پليٽ فارم متعارف ڪرايو آهي جنهن جي ذريعي شهري بلن جي ادائيگي، شڪايتن جي داخلا ۽ واٽر ٽينڪرز جي بڪنگ آن لائن ڪري سگهن ٿا. هي پليٽ فارم اردو، انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ دستياب آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪي ايس ايس آئي پي جي تحت پٺتي پيل ۽ غير رسمي آبادين تائين پاڻي ۽ سيوريج جي سهولتن جي فراهمي به يقيني بڻائي پئي وڃي.  صوٻا نگر ۽ عيسيٰ نگر جهڙن علائقن کي ڪميونٽي پروگرامز ذريعي بهتر نظام سان ڳنڍيو پيو وڃي. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڻي ۽ نيڪال جي سهولتن تائين برابري جي بنياد تي پهچ منصوبي جو بنيادي مقصد هجڻ گهرجي ته جيئن ڪراچي جي هر شهري کي محفوظ پاڻي ۽ مناسب سيوريج جي سهولت ميسر هجي. اجلاس ۾ ڪي ايس ايس آئي پي جي فيز ٽو جي تياري جو به جائزو ورتو ويو جنهن جي تحت پاڻي جي انفراسٽرڪچر ۽ ادارتي سڌارن کي وڌيڪ وسعت ڏني ويندي. وڏي وزير چيو ته ايندڙ مرحلو عالمي بئنڪ ۽ ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي تعاون سان شروع ڪيو ويندو. اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير سمورن کاتن کي ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ منصوبي جي وقت اندر مڪمل  ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪي ايس ايس آئي پي جي ڪاميابي ڪراچي جي پاڻي ۽ سيوريج جي نظام ۾ بنيادي تبديلي آڻيندي ان ڪري موجوده رفتار کي برقرار رکندي شهرين لاءِ پائيدار بهتري فراهم ڪئي وڃي.اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ناصر حسين شاهه، ڄام خان شورو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ نجم شاهه، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، چيئرمين سي آئي سي ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌي، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن احمد علي صديقي، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪي ايس ايس آئي پي عائشه حميد، چيف آپريٽنگ آفيسر ڪي ڊبليو ايس سي اسد الله خان ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.