لاڙڪاڻو-19 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس طرفان ضلعي جي مختلف هنڌن تي ڪاروايون ڪندي پنجن ڏوهارين ۽ منشيات فروشن کي گرفتار ڪري سندن وٽان هٿيار، گوليون، موبائل فونز ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻو پوليس جي پريس ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پڌرو ڪيو آهي ته وليد ٿاڻي جي پوليس امير شاھ مقام وٽ ڪاروائي ڪندي هڪ ڏوهاري ذاڪر چانڊيو کي …
لاڙڪاڻي پوليس جون ڪارروايون، 5 جوابدار گرفتار، منشيات، هٿيار ۽ موبائل فونز هٿ
لاڙڪاڻو-19 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس طرفان ضلعي جي مختلف هنڌن تي ڪاروايون ڪندي پنجن ڏوهارين ۽ منشيات فروشن کي گرفتار ڪري سندن وٽان هٿيار، گوليون، موبائل فونز ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻو پوليس جي پريس ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پڌرو ڪيو آهي ته وليد ٿاڻي جي پوليس امير شاھ مقام وٽ ڪاروائي ڪندي هڪ ڏوهاري ذاڪر چانڊيو کي پسٽل، گولين ۽ موبائيل فون سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. بقاپور ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪندي ٻن منشيات فروشن محمد حفيظ جتوئي ۽ جاويد جتوئي کي 130 ڪلو گرام ڀنگ ۽ ڪار سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس سعدو ديرو لاڙي وٽ ڪاروائي ڪندي منشيات فروش صغير شاھ کي 288 شراب جي بوتلن ۽ چنگچي رڪشي سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. رحمت پور ٿاڻي جي پوليس نرسنگ ڪاليج واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪندي منشيات فروش محمد صالح ابڙو کي 1106 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.











