برسلز -18 مارچ (اي پي پي)يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي ۽ سيڪيورٽي سربراهه ڪاجاڪيلس زور ڀريو آهي ته ايران سان جاري اسرائيل جي جنگ جي رفتار سست ٿيڻ يا ان مان نڪرڻ لاءِ واضح منصوبي جي ڪا به سڃاڻپ موجود ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن يورپي پارليمينٽ جي پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جنگ کي روڪرائڻ لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪرڻ جي …
ايران –اسرائيل جنگ روڪرائڻ لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي: يورپي يونين

مزید خبریں
برسلز -18 مارچ (اي پي پي)يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي ۽ سيڪيورٽي سربراهه ڪاجاڪيلس زور ڀريو آهي ته ايران سان جاري اسرائيل جي جنگ جي رفتار سست ٿيڻ يا ان مان نڪرڻ لاءِ واضح منصوبي جي ڪا به سڃاڻپ موجود ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن يورپي پارليمينٽ جي پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جنگ کي روڪرائڻ لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن نار وارن ملڪن سميت علائقائي ۽ عالمي شراڪتدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اپيل ڪئي ته جيئن ڄاڻايل ڌرين کي ٺوس تجويز پيش ڪري سگهجي ۽ ان کي جنگ جي خاتمي جي رستي تي آڻي سگهجي. هن چيو ته اها جنگ هڪ اهڙي حڪمت عملي جي عڪاسي ڪري ٿي جنهن جو مقصد شدت کي ان سطح تائين آڻڻ آهي جتي ٻيون ڌريون مخصوص شرطن تي انهن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن. هن اشارو ڪيو ته اهو طرز عمل وچ اوڀر تائين محدود ناهي پر يوڪرين جي جنگ ۾ نظر اچي ٿو. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته يورپ جي سيڪيورٽي ۽ دنيا جو استحڪام سفارتي رستي جي ڪاميابي سان جڙيل آهي. ڪاجا ڪيلس ان سياسي حل تائين پهچڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن جنگ جو خاتمو ٿي سگهي ۽ ان جي پکيڙ کي روڪي سگهجي.










