رياض-18 مارچ(اي پي پي)حرمين الشريفين جي معالن بابت جنرل اٿارٽي رمضان المبارڪ دوران مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي ۾ 10 لک قرآن پاڪ ورهايا. پرڏيهي ميڊيا موجب اٿارٽي اتي آيل زائرين کي حرمين جي سهولت لاءِ قرآن ڪريم جي فراهمي جو انتظام ڪيو ته جيئن زائرين کي رمضان شريف ۾ ڪي به مشڪلاتون پيش نه اچن. اٿارٽي موجب مدينه منوره جي ڪنگ فهد قرآن ڪريم پرنٽنگ پريس جي تيار ڪيل نسخن کي حرمين …
رمضان شريف دوران حرمين الشريفين ۾ 10 لک قرآن پاڪ ورهايا ويا

مزید خبریں
رياض-18 مارچ(اي پي پي)حرمين الشريفين جي معالن بابت جنرل اٿارٽي رمضان المبارڪ دوران مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي ۾ 10 لک قرآن پاڪ ورهايا. پرڏيهي ميڊيا موجب اٿارٽي اتي آيل زائرين کي حرمين جي سهولت لاءِ قرآن ڪريم جي فراهمي جو انتظام ڪيو ته جيئن زائرين کي رمضان شريف ۾ ڪي به مشڪلاتون پيش نه اچن. اٿارٽي موجب مدينه منوره جي ڪنگ فهد قرآن ڪريم پرنٽنگ پريس جي تيار ڪيل نسخن کي حرمين الشريفين ۾ وقت سر فراهم ڪيو ويو جيڪي زائرين جي ضرورت موجب تيار ڪيا ويا هيا. قرآن پاڪ جي فراهمي لاءِ اداري پاران باقاعده منصوبابندي تحت سمورا معاملا طئي ڪيا ويا.










