رياض-18 مارچ(اي پي پي)سعودي عرب ۾ پرنس محمد بن سلمان پراجيڪٽ جي ٻئي مرحلي ۾ مدينه منوره ريجن جي ڪمشنري الحناڪيه ۾ تاريخي مسجد القلعه جي نئين سر تعمير جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب مسجد القلعه مدينه منوره جي اتر اوڀر ۾ 102 ڪلو ميٽر پري الحناڪيه جي تاريخي علائقي ۾ موجود آهي. ان مناسبت سان ان جو نالو مسجد القلعه پيو. مسجد جي …
مدينه منوره ريجن ۾ 14 هين صدي هجري جي مسجد القلعه جي نئين سر تعمير مڪمل

مزید خبریں
رياض-18 مارچ(اي پي پي)سعودي عرب ۾ پرنس محمد بن سلمان پراجيڪٽ جي ٻئي مرحلي ۾ مدينه منوره ريجن جي ڪمشنري الحناڪيه ۾ تاريخي مسجد القلعه جي نئين سر تعمير جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب مسجد القلعه مدينه منوره جي اتر اوڀر ۾ 102 ڪلو ميٽر پري الحناڪيه جي تاريخي علائقي ۾ موجود آهي. ان مناسبت سان ان جو نالو مسجد القلعه پيو. مسجد جي مجموعي ايراضي 181.75 چورس ميٽر هئي جيڪا نئين سر تعمير کان پوءِ 263.55 چورس ميٽر ڪئي وئي آهي. مسجد ۾ نمازين جي گنجائش 171 ٿي وئي آهي. تاريخ موجب مسجد جي پهرين تعمير 14هين صدي هجري ۾ ڪئي وئي. مسجد جو اڳوڻو نالو علائقي جي گورنر حمد بن سميحه جي نالي سان رکيو ويو، الحناڪيه جي ماڻهن ان دور ۾ مسجد جي تعمير ۾ ڀرپور حصو ورتو هيو.










