مڪه مڪرمه-18 مارچ(اي پي پي) حرمين الشريفين ۾ رمضان المبارڪ جي 29 هين رات لکين ماڻهن تروايح ۽ ختم قرآن جي خصوصي دعا ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مسجد الحرام ۾ ختم قرآن جي دعا ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿيا. ان موقعي تي روح پرور منظر ڏسڻ ۾ آيو. مسجد الحرام ۾ نماز جي امامت ڊاڪٽر شيخ عبدالرحمان السيدس جڏهن ته مسجد نبوي ۾ صلاح البدير ڪئي. مسجد الحرام …
مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ ختم قرآن ۽ خصوصي دعا، لکين ماڻهن جي شرڪت

مزید خبریں
مڪه مڪرمه-18 مارچ(اي پي پي) حرمين الشريفين ۾ رمضان المبارڪ جي 29 هين رات لکين ماڻهن تروايح ۽ ختم قرآن جي خصوصي دعا ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مسجد الحرام ۾ ختم قرآن جي دعا ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿيا. ان موقعي تي روح پرور منظر ڏسڻ ۾ آيو. مسجد الحرام ۾ نماز جي امامت ڊاڪٽر شيخ عبدالرحمان السيدس جڏهن ته مسجد نبوي ۾ صلاح البدير ڪئي. مسجد الحرام سمورا اڱڻ، ڇتون ۽ تازن توسيعي هنڌن کان علاوه مسجد الحرام جي چوڌاري وارا روڊ به نمازين سان ڀرجي ويا. حرمين جي معاملن واري اداري طرفان مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ 29 هين رات لاءِ خصوصي انتظام ڪيا ويا هئا. مسجد الحرام جي چئني پاسن کان رستن تي زائرين جي اچ وڃ لاءِ اسڪائوٽس ۽ فلاحي تنظيمن جي رضاڪارن جون خدمتون به حاصل ڪيو ويون. بزرگ ۽ معذور ماڻهن جي سهولت لاءِ الڳ ٽريڪس رکيل هئا جڏهن ته ٻاهرين پڌر ۾ راهدارين کي کليل رکڻ لاءِ خصوصي ٽاسڪ فورس جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا. انتظاميه حرم شريف جي ٻاهرين پڌر ۾ تراويح ۽ ختم قرآن جي دعا ۾ شرڪت ڪندڙن جي سهولت لاءِ مختلف هنڌ مخصوص ڪيا هئا ته جيئن اتي سڪون سان جماعت سان گڏ نماز ادا ڪئي وڃي. 29 هين رات خصوصي انتظامن ۾ صفائي يونٽس جي مقرري به اهم هئي. وضوخانن ۾ به مستقل بنيادن تي صفائي جا ڪارڪن مقرر هئا. آب زم زم جي مستقل فراهمي لاءِ سقيه جون ٽيمون مصروف رهيون. مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي جي ڇتن تي ويندڙ رستن کي به کليل رکيو ويو جڏهن ته لفٽس ۽ اسڪيلٽرز جي به سار سنڀال مستقل بنيادن تي ڪئي وئي. حرمين الشريفين ۾ زائرين جي سهولت لاءِ رهنما يونٽ جا اهلڪار زائرين جي سهولت لاءِ بينرن سان گڏ موجود هئا جن کي سمارٽ ڊيوائس فراهم ڪئي وئي هئي جيڪي ڪنهن به ٻولي جو فوري ترجمو ڪري سگهيا پئي.










