لاڙڪاڻو- 18 مارچ اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري 30 بور جو ٽي ٽي پستول ھٿ ڪري ورتو آهي. دڙي ٿاڻي جي حد بقاپور روڊ واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس واردات جي نيت سان بيٺل ڦورن کي ناپاڪ مقصد ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو موجب مقابلي دوران ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو …
لاڙڪاڻو پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
لاڙڪاڻو- 18 مارچ اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري 30 بور جو ٽي ٽي پستول ھٿ ڪري ورتو آهي. دڙي ٿاڻي جي حد بقاپور روڊ واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس واردات جي نيت سان بيٺل ڦورن کي ناپاڪ مقصد ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو موجب مقابلي دوران ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ 30 بور جي ٽي ٽي پستول سميت گرفتار ڪيو ويو آھي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڦورو جي سڃاڻپ فياض رند جي نالي سان ٿي آهي. شروعاتي جاچ مطابق ڄاڻايل ڦورو شهر ۾ تازو ٿيل وارداتن/سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث آهي ان کان علاوه فرار ٿي ويلن جي گرفتاري لاءِ بقاپور روڊ تي سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي،ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڏوھارين کي ناپاڪ مقصدن ۾ ناڪام بڻائڻ تي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس ٽيم لاءِ انعامن ۽ اعزازن جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.











