قمبر شهدادڪوٽ پوليس جي ڪارروائي، ڦر ٿيل ڪار ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ، ڏوھاري  گرفتار

لاڙڪاڻو/قمبر شهدادڪوٽ-17 مارچ (اي پي پي) ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ جي خاص هدايتن تي ضلعي پوليس ڪارروائي ڪندي ڦر ٿيل ڪار ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪري ڇڏي. پوليس موجب ايس ايڇ او سنجر ڀٽي ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر عبدالرشيد ڪورڪاڻي ڳجهي اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي پنج ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جي ڊرائيور روشن علي عمراڻي جي ٽيڪسي ڪار ڪرائي تي جيڪب آباد وٺي وڃڻ …

لاڙڪاڻو/قمبر شهدادڪوٽ-17 مارچ (اي پي پي) ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ جي خاص هدايتن تي ضلعي پوليس ڪارروائي ڪندي ڦر ٿيل ڪار ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪري ڇڏي. پوليس موجب ايس ايڇ او سنجر ڀٽي ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر عبدالرشيد ڪورڪاڻي ڳجهي اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي پنج ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جي ڊرائيور روشن علي عمراڻي جي ٽيڪسي ڪار ڪرائي تي جيڪب آباد وٺي وڃڻ جي بهاني ويجهو سهراب فقير کان کسي وئي هئي، سنجر ڀٽي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري مهراڻ ڪار هٿ ڪري اصل مالڪ حوالي ڪري ڇڏي. ٻي ڪارروائي ۾ ايس ايڇ او وڳڻ انسپيڪٽر علي حسن مغيري پنهنجي اسٽاف سميت چاپه مار ڪارروائي ۾ شهري ماجد علي خاصخيلي جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري مالڪ حوالي ڪري ڇڏي. ڪار ۽ موٽرسائيڪل واپس ملڻ تي مالڪن پوليس جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيندي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي ۽ ايس ايڇاوز سنجر ڀٽي ۽ وڳڻ جو شڪريو ادا ڪيو. ان دوران ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ جي حڪمن تي روپوش ملزمن خلاف ڪارروايون جاري آهن. سنگين ڪيس ۾ روپوش ملزم کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب ايس ايڇ او اي سيڪشن ٿاڻو شهدادڪوٽ جي انسپيڪٽر طفيل احمد احمداڻي پنهنجي اسٽاف سميت گشت دوران ڳجهي اطلاع تي ڪوٽو موٽو چوڪ شهدادڪوٽ ويجهو ڪارروائي ڪندي اي سيڪشن شهدادڪوٽ ٿاڻي جي ڪيس ۾ روپوش ملزم راجا سيلرو کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته گرفتار ملزم کان وڌيڪ تحقيق ڪئي پئي وڃي.