ٽيڪنالاجي تي ٻڌل سڌارا عوام دوست حڪومت لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-17 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ ڊجيٽل گورننس کي هٿي ڏيڻ لاءِ چيو آهي ته ٽيڪنالاجي تي ٻڌل سڌارا عوام دوست حڪومت لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا. هن چيو ته اي-اسٽيمپنگ سسٽم سان جعلي اسٽامپ پيپر مافيا جو خاتمو، بئڪ ڊيٽ دستاويزن جي روايت جو خاتمو ۽ ماڻهن کي سرڪاري آفيسن جي ڊگهين قطارن کان نجات ملي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ …

ڪراچي-17 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ ڊجيٽل گورننس کي هٿي ڏيڻ لاءِ چيو آهي ته ٽيڪنالاجي تي ٻڌل سڌارا عوام دوست حڪومت لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا. هن چيو ته اي-اسٽيمپنگ سسٽم سان جعلي اسٽامپ پيپر مافيا جو خاتمو، بئڪ ڊيٽ دستاويزن جي روايت جو خاتمو ۽ ماڻهن کي سرڪاري آفيسن جي ڊگهين قطارن کان نجات ملي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ مرحلي ۾ مڪمل پيپر ليس نظام متعارف ڪرايو ويندو، جنهن سان شهري پنهنجي موبائل يا ليپ ٽاپ ذريعي آن لائن اسٽامپ دستاويز حاصل ڪري سگهندا. هن اها ڳالهه سي ايم هائوس ۾ اي-اسٽيمپنگ سسٽم جي معاهدي واري تقريب جي صدارت ڪندي ڪئي. تقريب دوران بورڊ آف روينيو سنڌ ۽ سنڌ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني (ايس آءِ ٽي سي) وچ ۾ ماسٽر سروس ليول ايگريمينٽ ۽ سروس آرڊر تي صحيحيون ڪيون ويون، جنهن جو مقصد اي-اسٽيمپنگ پليٽ فارم جي توسيع ۽ جاري رکڻ آهي. انهن اُپائن سان سرڪاري دستاويزن کي ڊجيٽل بڻائڻ، جعلي اسٽامپ پيپر ختم ڪرڻ ۽ شهري خدمتون آسان ڪرڻ جو ارادو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته اهي سڌارا سنڌ ۾ گورننس کي جديد بڻائڻ جي وڏي حڪمت عملي جو حصو آهن. هن ٻڌايو ته گذريل پنجن مهينن ۾ 7 لک 30 هزار کان وڌيڪ چالان پراسيس ٿيا آهن ۽ 12.8 ارب رپيا شفاف طريقي سان وصول ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته هي رڳو ٽيڪنالاجي اپگريڊ ناهي پر حڪومت ۽ عوام وچ ۾ اعتماد جي بحالي آهي. هن چيو ته سنڌ ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ شهري ۽ معاشي طور متحرڪ صوبو آهي، ان لاءِ جديد گورننس ضروري آهن. هن مقصد لاءِ ايس آءِ ٽي سي قائم ڪئي وئي آهي ته جيئن مختلف کاتن ۾ ڊجيٽل تبديلي آندي وڃي. وڏي وزير ايس آءِ ٽي سي جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي ۽ کاتن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ اداري سان ڀرپور سھڪار ڪن. هن گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ فريم ورڪ جو حوالو ڏيندي چيو ته هاڻي کاتا سڌو سنئون ايس آءِ ٽي سي سان معاهدا ڪري سگهن ٿا، جنهن سان منصوبن جي رفتار وڌندي. سيد مراد علي شاهه ”سنڌ پي“ نالي هڪ ڊجيٽل ادائيگي پليٽ فارم جو اعلان پڻ ڪيو، جنهن ذريعي شهري موبائل فون تان ٽيڪس، فيون ۽ ٻيون ادائيگيون ڪري سگهندا. هن چيو ته صوبي ۾ ڊيٽا سينٽر پڻ قائم ڪيو پيو وڃي ته جيئن حساس ڊيٽا ملڪ اندر محفوظ رهي. هن ٻڌايو ته حڪومت ھٿرادو ذهانت (آرٽيفيشل اٽيليجنلس) جي استعمال تي به غور ڪري رهي آهي ته جيئن شهري 24 ڪلاڪ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ سرڪاري خدمتن بابت رهنمائي حاصل ڪري سگهن. تعليم ۽ انتظامي ادارن ۾ پڻ ڊجيٽل سڌارا آندا پيا وڃن، جن ۾ يونيورسٽين اندر شاگردن جي رڪارڊ جي ڊجيٽل تصديق، پراپرٽي ٽيڪس سسٽم جي ڊجيٽلائيزيشن، ڊوميسائل ۽ پي آر سي سرٽيفڪيٽن جو آن لائن جاري ڪرڻ شامل آهي. تقريب دوران صلاحڪار علي راشد چيو ته ڊجيٽل ٽيڪنالاجي مستقبل جي گورننس آهي، جيڪا تيز، شفاف ۽ آسان خدمتون مهيا ڪندي. ان موقعي تي ايس آءِ ٽي سي جي سي اي او زين العابدين شاهه چيو ته اي-اسٽيمپنگ سسٽم سان جعلي اسٽامپ پيپر ۽ مالي بيضابطگين جو خاتمو ممڪن ٿيندو. هن ٻڌايو ته ھٿراڌو ذھانت (اي آءِ) چيٽ بوٽ پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي. بريفنگ ۾ ”سنڌ سٽيزن سپر ايپ“ جو پڻ ذڪر ڪيو ويو، جنهن ۾ 130 کان وڌيڪ سرڪاري خدمتون هڪ پليٽ فارم تي فراهم ڪيون وينديون. آخر ۾ بورڊ آف روينيو ۽ ايس آءِ ٽي سي وچ ۾ اي-اسٽيمپنگ جي توسيع لاءِ معاهدي تي صحيحيون ڪيون ويون، جنهن کي سنڌ ۾ شفاف ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل گورننس ڏانهن اهم قدم قرار ڏنو ويو.تقريب ۾ صوبائي وزيرن؛ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ سيد سردار شاهه، صلاحڪار علي راشد، سنڌ حڪومت جي ترجمانن؛ بلند خان جوڻيجو ۽ نادر نبيل گبول، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، رٿابندي ۽ ترقي کاتي جو چيئرمين نجم شاهه، بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر خالد حيدر شاهه، ناڻي واري سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.