سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال، ان باوجود سنڌ جي 55 سيڪڙو گهرن ۾ گئس ۽ 40 لک گهرن ۾ بجلي موجود نه آهي: جماعت اسلامي سنڌ جو امير ڪاشف سعيد شيخ

لاڙڪاڻو-17 مارچ (اي پي پي) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، جڏهن ته صوبي ۾ گئس، پيٽرول، ڪوئلي سميت ٻيا قيمتي ذخيرا موجود آهن ۽ سنڌ ملڪ کي 70 سيڪڙو روينيو سان گڏ 70 سيڪڙو ٽيڪس ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته صوبي اندر ڪيتريون ئي نيشنل ڪمپنيون موجود آهن، جيڪي پڻ معيشيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، جڏهن ته …

لاڙڪاڻو-17 مارچ (اي پي پي) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، جڏهن ته صوبي ۾ گئس، پيٽرول، ڪوئلي سميت ٻيا قيمتي ذخيرا موجود آهن ۽ سنڌ ملڪ کي 70 سيڪڙو روينيو سان گڏ 70 سيڪڙو ٽيڪس ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته صوبي اندر ڪيتريون ئي نيشنل ڪمپنيون موجود آهن، جيڪي پڻ معيشيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ بئنڪن جو ونهوار 100 فيصد ۽ آءِ ٽي 50 سيڪڙو بزنس ڏئي رهي آهي، پر ان جي باوجود سنڌ جي 55 سيڪڙو گهرن ۾ گئس ۽ 40 لک گهرن ۾ بجلي موجود نه آهي، جڏهن ته 18 سالن کان وٺي اقتدار ۾ ويٺل پيپلز پارٽي خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صحافين جي مان ۾ ڏنل افطار پارٽي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جو نائب امير نظام الدين، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امداد الله بجاراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي جو امير ايڊووڪيٽ نادر کوسو، مجاهد چنه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر ڪو ڍنگ جو موٽروي موجود نه آهي، جڏهن ته يونيسيف جي رپورٽ موجب سنڌ اندر غربت سبب 60 لک ٻار بکي پيٽ سمهي پوندا آهن، خوراڪ ۽ صحت جي سهولتن جي شديد کوٽ آهي، جڏهن ته تعليم جي حوالي سان پڻ اسان پوئتي پيل آهيون، سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري صوبي ۾ 78 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، سنڌ جي اڪثر اسڪولن جي حالت انتهائي افسوسناڪ آهي، جتي بنيادي سهولتن جي سخت کوٽ آهي. هن چيو ته سنڌ اندر بدامني، لاقانونيت، اغوا، ڦرون، ڌاڙا، چوريون ۽ قتل و غارت وڌيڪ آهي، اهڙا انگ اکر پوليس پاڻ جاري ڪيا آهن، جڏهن ته ملڪ جي ٻين صوبن ۾ ڪجھ نه ڪجھ بهتري آهي، پر سنڌ ۾ انڌير نگري لڳي پئي آهي، هر طرف ڪرپشن جي بازار گرم آهي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي عورتن جي تذليل ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سال 2022ع ۾ پيل برساتن سبب پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال ۾ متاثر ماڻهن کي هن وقت تائين گهر تعمير ٿي ناهن ملي سگهيا. هن چيو ته سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن کي مختلف فصلن لاءِ وقت تي پورو زرعي پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي، اهڙي صورتحال ۾ هاري ۽ آبادگار روڊن تي نڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي وڏي شهر لاڙڪاڻي ۾ ڪابه فيڪٽري ناهي قائم ڪرائي، جتي بيروزگار نوجوان پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪري سگهن، جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن اندر صنعتي زونز موجود آهن، پر لاڙڪاڻو ان سهولت کان وانجهيل آهي. هن اعلان ڪيو ته جماعت اسلامي سنڌ طرفان عيد الفطر کان پوءِ صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ؛بدل دو نظام ڪو؛ جي عنوان سان تحريڪ شروع ڪئي ويندي، جنهن ۾ اجلاس، گڏجاڻيون، ريليون، جلسا، جلوس ۽ احتجاج ڪيا ويندا، جيڪو سلسلو سنڌ جي حقن جي حاصلات تائين جاري رهندو.