آمريڪي اڏن جو استعمال پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن کي نقصان پهچائي رهيو آهي: ايران جو صدر

تهران -17 مارچ (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيزشڪيان خطي ۾ آمريڪي فوجي اڏن جي استعمال کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي، ته اهو قدم ايران جي پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن کي نقصان پهچائي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ ايران جي صدر چيو ته ايران موجوده جنگ جي شروعات ناهي ڪئي پر پنهنجي دفاع جو حق استعمال …

تهران -17 مارچ (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيزشڪيان خطي ۾ آمريڪي فوجي اڏن جي استعمال کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي، ته اهو قدم ايران جي پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن کي نقصان پهچائي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ ايران جي صدر چيو ته ايران موجوده جنگ جي شروعات ناهي ڪئي پر پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪري رهيو آهي. سندس موجب امن ۽ استحڪام ان وقت تائين ممڪن ناهي جيستائين آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران خلاف ڪارروايون جاري آهن. هن چيو ته ايران ڪنهن دٻاءَ يا ڌمڪي آڏو نه جهڪندو ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها ان جارحيت جي مذمت ڪري ۽ لاڳاپيل ڌرين کي عالمي قانون جي پاسداري تي مجبور ڪري. مسعود پيزشڪيان چيو ته جنگ بندي جون اپيلون ان وقت تائين اثرائتيون ناهن جيستائين  ايران خلاف وڌيڪ حملن جي ضمانت نه ٿي ڏني وڃي.