واشنگٽن -17 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته موجوده حالتن سبب چين جو رٿيل دورو هڪ مهيني لاءِ ملتوي ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ رٿيل دورو هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مارچ جي آخر يا اپريل جي شروعات ۾ سندس چين جي رٿيل دوري کي موجوده حالتن …
چين جو دورو ملتوي ٿي سگهي ٿو، ايران سان جنگ جلد ختم ٿي ويندي، ڪيوبا سان جيڪو چاهيون ڪري سگهون ٿا: ڊونلڊ ٽرمپ

مزید خبریں
واشنگٽن -17 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته موجوده حالتن سبب چين جو رٿيل دورو هڪ مهيني لاءِ ملتوي ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ رٿيل دورو هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مارچ جي آخر يا اپريل جي شروعات ۾ سندس چين جي رٿيل دوري کي موجوده حالتن سبب ملتوي ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته موجوده حالتن سبب آمريڪا چين کي درخواست ڪئي آهي ته ان دوري کي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪيو وڃي. صدر ٽرمپ جو چوڻ هيو ته ان معاملي تي غور جاري آهي ۽ قطعي فيصلو جلد ڪرڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته آمريڪا باضابطه طور تي دورو ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي. جڏهن ته ايران جنگ جي خاتمي بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران جنگ جلد ختم ٿي ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب جڏهن آمريڪي صدر کان پڇيو ويو ته اوهان دعويٰ ڪئي هئي ته ايراني فوجي طاقت کي تباهه ڪيو ويو آهي ڇا ايران خلاف جاري جنگ هن هفتي ختم ٿي سگهي ٿي. ان تي آمريڪي صدر جواب ڏنو، "ها، بلڪل.” پر جڏهن پڇيو ويو ته ڇا جنگ واقعي هن هفتي ختم ٿي ويندي، ته هن چيو، "مون کي ائين نه ٿو لڳي، پر اها جلد ختم ٿي ويندي ۽ ان ۾ گهڻو وقت نه لڳندو.” هن چيو ته اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ ضروري هو ۽ جنگ کان پوءِ دنيا وڌيڪ محفوظ ٿي ويندي. ٽرمپ بي-2 بمبار جو هڪ ماڊل پيش ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن هن گذريل سال ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي هوائي حملي جو حڪم نه ڏنو هجي ها ته ان وٽ هاڻي تائين ايٽمي هٿيار هجن هان انهن حملن ۾ استعمال ٿيندڙ بي-2 بمبار جهاز استعمال ڪيا ويا هيا، جن کي آمريڪا "مڊ نائيٽ هيمر” جو ڪوڊ جو نالو ڏنو هو. آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن اسان ائين نه ڪيون ها ته ايٽمي جنگ يا ٽئين عالمي جنگ شروع ٿي وڃي ها، ايران وٽ هاڻي رڳو 8 سيڪڙو ميزائل ۽ ڪجهه حملي آور ڊرون بچيا آهن. هن چيو ته ڪجهه ملڪن کيس تمام گهڻو مايوس ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته انهن ايران خلاف آمريڪي جنگ ۾ تعاون نه ڪيو آهي، خاص طور تي نيٽو جا ملڪ. هن چيو ته هن برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر سان ڳالهايو هو، جيڪو پهريان ته هٻڪي رهيو هو پر بعد ۾ ڪجهه مدد جي آڇ ڪئي، پر مون چيو ته مون کي توهان جي هوائي جهازن جي ضرورت ناهي ڇو ته اسان اڳ ۾ ئي جنگ کٽي چڪا آهيون. صدر ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ تقريب دوران ايران ۾ جاري جنگ جي حوالي سان ڳالهين دوران دعويٰ ڪئي ته ايراني فوجي صلاحيت تباهه ڪئي وئي آهي . آمريڪي صدر جو چوڻ هيو ته ان جنگ ۾ هيستائين 7 هزار هدفن کي نشانو بڻائي چڪا آهيون ۽ 100 کان به وڌيڪ بحري جهازن کي تباهه ڪيو ويو آهي. صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا سومر ڏينهن اهڙن ٽن ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي جتي ميزائل ۽ ڊرونز ٺاهيا پيا وڃن. صدر ٽرمپ موجب آمريڪا آبنائي هرمز ۾ واپاري بحري جهازن کي خطري ۾ وجهڻ جي ايراني صلاحيت کي نقصان پهائي رهيو آهي. اسان ايران کي ٺڪاڻي لڳائي چڪا آهيون ٻين ملڪن کي گهرجي ته اهي اڳيان اچن ۽ آبنائي هرمز کي کولڻ لاءِ مدد فراهم ڪن. صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ڪيترائي ملڪ سندس مدد لاءِ اڳتي آيا آهن، پر هن انهن جو نالو وٺڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته هو انهن جو نالو وٺڻ چاهي ٿو پر خبر ناهي ته اهي چاهيندا يا نه ڇاڪاڻ ته اهي شايد هن جنگ ۾ نشانو نه بڻجڻ چاهيندا هجن. جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيوبا خلاف پنهنجي زباني جنگ کي وڌيڪ تيز ڪندي چيو آهي ته هو اميد ڪري ٿو ته کيس ڪيوبا ڪنهن به شڪل ۾ حاصل ڪرڻ جو اعزاز ملندو ۽ هو ڪيوبا بابت جيڪو چاهي ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته ڪيوبا جي حوالي سان صدر ٽرمپ چيو ته مون کي يقين آهي ته مان ڪيوبا کي حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪري وٺندس. اهو تمام وڏو اعزاز آهي. هن چيو ته چاهيان ته ان کي آزاد ڪيا، يا حاصل ڪيان ، منهنجي خيال ۾ ان سان جيڪو چاهيان ڪري سگهان ٿو. ٽرمپ جي ان بيان بعد آمريڪي ڳالهيون ڪندڙن مبينه طورتي ڪيوبا جي اڳواڻ ميگوئل ڊيازڪينيل کي عهدي تان هٽائڻ کي به ڳالهين جو هڪ اهم مقصد ٻڌايو، جيتوڻيڪ ڳالهيون اڃان جاري آهن. اهي بيان اهڙي وقت تي سامهون آيا آهن جڏهن ڪيوبا سخت معاشي ۽ توانائي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. جڏهن ته آمريڪا ان کي تيل جي فراهمي به روڪي ڇڏي آهي جنهن صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي. ٻنهن ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ 67 سالن جي بدترين سطح تي آهي. ٽرمپ جي اثر رسوخ، سخت بيانن ۽ امڪاني پاليسين عالمي سطح تي ڳڻتي ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو آهي.











