وچ اوڀر جي رياستن ۾ جاري تڪرار عالمي سپلائي چين لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويو، ان کان بچڻ لاءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا: نيوزيلينڊ

ويلنگٽن -17 مارچ (اي پي پي) نيوزيلينڊ چيو آهي ته وچ اوڀر جي رياستن ۾ جاري تڪرار عالمي سپلائي چين لاءِ خطرو پيدا ڪري رهيو آهي. جنهن کان بچڻ لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه نيوزيليند جي واپار  واري وزير (ايف آءِ ٽي) حصيداري جي اجلاس کي خطاب دوران چئي. هن چيو ته ميمبر ملڪن کي مضبوط سپلائي چين برقرار رکڻ لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا. هن …

ويلنگٽن -17 مارچ (اي پي پي) نيوزيلينڊ چيو آهي ته وچ اوڀر جي رياستن ۾ جاري تڪرار عالمي سپلائي چين لاءِ خطرو پيدا ڪري رهيو آهي. جنهن کان بچڻ لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه نيوزيليند جي واپار  واري وزير (ايف آءِ ٽي) حصيداري جي اجلاس کي خطاب دوران چئي. هن چيو ته ميمبر ملڪن کي مضبوط سپلائي چين برقرار رکڻ لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا. هن خبردار ڪيو ته وڏي پيماني تي آمدني واپار جون پابنديون يا ذخيرا گڏ ڪرڻ جهڙا قدم معاشي اثرن کي وڌيڪ خراب ڪري سگهن ٿا. ان ڪري ضروري آهي ته فضائي ۽ سامونڊي رستن سميت واپاري سرگرميون کليل رکيون وڃن.