شوال جو چنڊ 18 مارچ تي نظر اچي سگهي ٿو: سعودي سپريم ڪورٽ

رياض17 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ملڪ ۾ شوال جو چنڊ 18 مارچ تي نظر اچي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب، سپريم ڪورٽ سڀني مسلمانن کي سنت مطابق چنڊ ڏسڻ جي اپيل ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن کي به شوال جو چنڊ  اک سان يا دوربين ذريعي ڏسڻ گهرجي. جيڪڏهن چنڊ نظر اچي ٿو ته ويجهي عدالت کي اطلاع ڏنو …

رياض17 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ملڪ ۾ شوال جو چنڊ 18 مارچ تي نظر اچي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب، سپريم ڪورٽ سڀني مسلمانن کي سنت مطابق چنڊ ڏسڻ جي اپيل ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن کي به شوال جو چنڊ  اک سان يا دوربين ذريعي ڏسڻ گهرجي. جيڪڏهن چنڊ نظر اچي ٿو ته ويجهي عدالت کي اطلاع ڏنو وڃي  ۽ پنهنجي شاهدي رڪارڊ ڪرائي وڃي. شوال جو چنڊ رمضان جي مقدس مهيني جي آخر ۽ عيد الفطر جي شروعات جو اشارو ڏيندو آهي. سعودي عرب ۽ اڪثر عرب ملڪن ۾ رمضان 18 فيبروري تي شروع ٿيو. جيڪڏهن اربع تي چنڊ نظر نه آيو ته خميس 30 رمضان ۽ عيد الفطر 20 مارچ تي ٿيندي.